پاڪستان ۽ چين جي اعليٰ فوجي قيادت وچ ۾ اهم ملاقات، دهشتگردي خلاف سهڪار وڌائڻ تي اتفاق

0
247

اسلام آباد: پاڪستان ۽ چين جي اعليٰ فوجي قيادت وچ ۾ اهم ملاقات دوران ٻطرفي دفاعي سهڪار تي اعتماد جو اظهار ڪيو ويو آھي، فوجي قيادت طرفان گڏيل مفادن جي تحفظ لاءِ رابطا جاري رکڻ، تربيت، ٽيڪنالوجي ۽ دهشتگردي خلاف سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو

 آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان جي اعليٰ سطحي ٽراءِ سروس فوجي وفد 9 کان 12 جون تائين چين جو دورو ڪيو، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چين جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪيو، 12 جون تي ايپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ جنرل قمر جاويد باجوه پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي

 چيئرمين سينٽرل ملٽري ڪميشن جنرل زانگ چين طرفان شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ گڏيل مفادن جي روشني ۾ وفدن جي ڏي وٺ تي اتفاق، پاڪستاني فوجي وفد طرفان چين جي ٻين سرڪاري شعبن جي عملدارن سان به ملاقاتون، اسٽريٽيجڪ ڀائيواري وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيوويو