ڪراچي (نمائندن وٽان) ملير جي قديمي ڳوٺن تي بحريا ٽائون انتظاميا جي والار خلاف مختلف شهرن ۾ سياسي سماجي اڳواڻن پاران ريليون ڪڍي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، اڳواڻن پاران سنڌ جون زمينون بچائڻ جو عزم، جاتي ۾ ڪامران قريشي، حاجي قاضي، وفا حسين شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ڪنڊيارو ۾ ايس ٽي پي پاران ذوالفقار ملاح، وحيد ڪلهوڙو، افضل ڪلهوڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نيشنل پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو، گمبٽ ۾ مختلف تنظيمن جي ڪارڪنن ادريس سومرو، صفدر سهتو، آزاد جوڻيجو، شبير شيخ جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو، نوشهروفيروز ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ملير جي قديمي ڳوٺن تي قبضي جي مذمت ڪيون ٿا، مظاهرين چيو ته سنڌ جا وارث سنڌي آهن پر ڌرتي ڌڻين سان ناانصافيون ڪيون پيون وڃن. هنن چيو ته بحريا ٽائون انتظاميا سنڌي ماڻهن جا گهر ڊاهي کين بي گهر ڪري رهي آهي، قديمي ڳوٺن تي چڙهايون ڪري سنڌين کي بي دخل ڪري ڌارين کي آباد ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، اڳواڻن چيو ته وسيلن تي قبضا ٿي رهيا آهن، بحريا ٽائون انتظاميا جي والار قبول ناهي، زمينون بچائڻ لاءِ مزاحمت ڪنداسين.