پٿورو ( ن پ ا )پٿورو ويجهو پٿورو سامارو روڊ تي صالح ڀنڀرو اسٽاپ ويجھو ڪار جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ پٿوري جي ڳوٺ عبداالحڪيم آريسر جا رهواسي 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ لالجي ڪيول ۽ هيمون شامل آھن. حادثي بعد ڪار ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو. جڏهن ته زخمين کي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان پوءِ حيدر آباد ريفر ڪيو ويو آھي.