بحرانن مٿان بحران معاملو ڪٿي دنگ ڪندو؟

0
217
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

گذريل ٽن سالن کان رڳو  کوٽ جون خبرون آهن يا وري قيمتن ۾ واڌ جون ڳالهيون، ڪو اهڙو ڏينهن ناهي جڏهن مهانگائي يا بحرانن جو ذڪر ميڊيا تي نه ٿيندو هجي يا عوام جي بحث جو موضوع نه هجي.اڳ  قيمتن ۾ واڌ يا شين جي کوٽ يا بحران مهينن سالن کانپوءِ موضوع هوندا هئا، ڪڏهن ڪڏهن اهي موضوع عام ڪچهرين ۾ بحث هيٺ هوندا هئا هاڻي ته ڏينهن بدران ويلن ۾ انهن جا ذڪر ٿا ٿين، ڄڻ اهي به ماني وانگر ضروري ٿي پيا آهن ته ٽئي ويلا انهي مهانگائي تي بحث ڪجي يا عام ماڻهو جي گفتگو جو موضوع هجي.

اهو انهي ڪري ٿي رهيو آهي جو هاڻي بحران،شين جي کوٽ يا قيمتن ۾ واڌ مهينن سالن بدران ڏينهن ۾ ٿي رهي آهي ۽ ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته  آخر ٿي ڇا رهيو آهي يا معاملا ڪيئن پيا هلن، جو ڪا هڪ شيءَ به سنڀالجي نه پئي ۽ وري جيڪڏهن حڪمرانن کي ٻڌجي ٿو ته لڳي ٿو ته ملڪ ۾ ڄڻ ڪو مسئلو ئي ناهي سڀ ڪجهه ٺيڪ هلي رهيو آهي. جڏهن ته حڪومت ان جو تدارڪ وري ايئن ڪيو آهي ته هاڻي شماريات کاتو هفتيوار نه پر مهيني تي مهانگائي جا انگ اکر ظاهر ڪندو ڄڻ ته انگ اکر ظاهر نه ڪرڻ سان مهانگائي رڪجي ويندي ؟ انهي کي چئبو آهي ”ڪبوتر وانگر ٻلي ڏسي اکيون ٻوٽڻ” مطلب خطري ۽ چئلينج جو اعتراف ڪري ان جي خاتمي جون ڪوششون ناهن ڪرڻيون پر اکيون بند ڪري ڇڏبيون ڄڻ ته خطرو ٽري ويندو.

بحران اهو آهي ته سياري ۾ گئس جي شديد قلت جو خطرو آهي جنهن ڪري حڪومت اعلان ڪيو آهي ته هاڻي گهرو صارفين  کي ٽي وقت گئس پهچائڻ جو بندوبست ڪيو ويندو، جنهن جو ٻيو مطلب اهو ٿيو ته سياري ۾ دوا وانگر گئس ملندي وقت کانسواءِ نه ڪير رڌپچاءَ ڪري سگهندو نه مهمان مڙهي جو آڌر ڀاءُ ڪري سگهندو .هڪ طرف گئس جي اها صورتحال آهي ٻئي طرف وري مهانگائي وري ڪنهن جي قابو ۾ ناهي.عام واهپي جي شين ۾ 30 سيڪڙو اضافو ٿي ويو آهي جڏهن ته مهانگائي جي شرح 17 سيڪڙو کان وڌي چڪي آهي.ملڪ ۾ کنڊ جو بحران پيدا ٿيو، قيمتون وڌي ويون نه ان جي سببن جي خبر پئي نه ان جي ذميوارن خلاف ڪا ڪاروائي ٿي.ڪجهه مهينا اڳ ڪڻڪ جا انگ اکر ظاهر ٿيا ته اضافي آهي،

ڪڻڪ ايڪسپورٽ ڪئي وئي، پوءِ خبر پئي ته ڪڻڪ اضافي ته هئي ڪونه ملڪ ۾ بحران پيدا ٿي ويو پر غلط انگ اکر ٻڌائيندڙ ڪامورن خلاف ڪو قدم نه کنيو ويو. وري دوائن جون قيمتون وڌي ويون پر ڪنهن کي ڪا خبر نه پئي ته ڇو اوچتو اهي قيمتون وڌي ويون نه ڪنهن ذميواري قبولي نه ڪنهن خلاف ڪارروائي ٿي.بجلي پيٽرول جون قيمتون به هاڻي ڄڻ ته هر ميهني وڌي رهيون آهن،عام استعال جي شين جا اگهه هڪڙي ڏينهن هڪڙا ته ٻئي ڏينهن ٻيا آهن پر ڪنهن کي ڪا خبر نه ٿي پئي ته آخر اهو سڄو جهان هلي ڪيئن رهيو آهي؟ نه مارڪيٽ ڪميٽيون ٿيون نظر اچن ،نه ضلعي انتظاميا ۽نه ئي وري صوبائي حڪومتن جو ڪو عمل دخل ٿو نظر اچي.هاڻي وري اوچتو اوچتو کير في ڪلو 140 رپين تائين وڪرو ٿي رهيو آهي پر ڪير ان کي روڪڻ وارو ناهي.

اسان سمجهون ٿا ته بهتر حڪمراني جي خبر تڏهن پوندي آهي جڏهن عام ماڻهن کي عام استعمال جي شين جي خريداري ۾ ڪا پريشاني نه ٿئي پر هتي ته نه رڳو شيون مهانگيون ٿيون آهن پر انهن جو  ملڻ به مشڪل ٿي ويو آهي. پنجاب ۾  ته ڊينگي بخار کان بچاءُ لاءِ ماڻهو پيناڊول وٺڻ لاءِ رلندا ٿا   وتن ۽ سياري ۾ جيڪڏهن گئس بند ٿي ته ماڻهو رڌپچاءُ لاءِ پريشان هوندا. تنهن ڪري حڪومت کي سياسي معاملن کان وڌيڪ عوام جي بنيادي ضرورتن جي پوراءُ ۽ دستيابي لاءِ قدم کڻڻ گهرجن نه ته سياسي معاملن کان وڌيڪ اهي معاملا حڪومت جا رستا سوڙها ڪندا.