ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي ) پي ڊي ايم پاران مهانگائي خلاف اسلام آباد ڏانهن مارچ ڪرڻ جو اعلان، پي ڊي ايم ۾ شامل جماعتن پاران نئين چونڊن جو مطالبو ڪري ڇڏيو، پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ادارا حقيقتن کي سمجھي پنهنجي ڪردار جو جائزو وٺن، ماضي جي غلطين تي قوم کان معافي ورتي وڃي، پي ڊي ايم ملڪي بقاءَ لاءِ جيڪا جنگ وڙهي پيو، انهي ۾ سوڀارا ٿينداسين، ڪالهه هتي ريگل چوڪ تي مهانگائي خلاف مظاهري بعد ٿيل جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته جيڪي هوا مان اڏامي اقتدار ۾ آيا، انهن کي عوام جي ڪا ڳڻتي ناهي، عوام جي ڏکيائين جو سبب بڻيل حڪمرانن کي اقتدار ۾ رهڻ جو ڪو حق ناهي، حڪومت مخالف اتحاد پي ڊي ايم ڪراچي بعد هاڻ ڪوئيٽا ۽ پشاور ويندو، جنهن بعد اسلام آباد جو رخ ڪنداسين، هن چيو ته پاڪستان ۾ حقيقي عوامي حڪومت جي ضرورت آهي، جيڪڏهن ناجائز ۽ نااهل حڪمرانن کي تڙي نه ڪڍيو ويو ته پوءِ پاڪستان جي بقا جو سوال پيدا ٿي ويندو. هن چيو ته جتي به اقتصادي بحران آيا آهن، اتي انقلاب جنم ورتو آهي، موجوده حڪمرانن کي ملڪ هلائڻ جي ڪا خبر ئي ناهي، هن چيو ته پي ڊي ايم جو سفر اڄ ڪراچي کان شروع ٿئي پيو، 17 نومبر تي ڪوئيٽا ۽ 20 نومبر تي پشاور ۾ جلسا ڪيا ويندا، قوم کي هاڻي ناجائز حڪمرانن مان نجات ڏياري ويندي. پي ڊي ايم سربراهه چيو ته مهانگائي سبب عام ماڻهو ايترو مجبور ٿي پيو آهي جو پارليامينٽ لاجز سامهون م ٻار وڪڻڻ جا هوڪا ڏنا پيا وڃن، پوليس اهلڪار 50 هزارن ۾ ٻار وڪڻي پيو، والدين خودڪشيون پيا ڪن، موجوده حالتن ۾ ڪاروباري ڌريون به مايوسي جو شڪار آهن. سياسي قيادت انهي صورتحال ۾ ڪردار ادا نه ڪيو ته حالتون بدترين ٿي وينديون. اهڙين ڏکين گھڙين ۾ قوم سان گڏ بيهڻ گھرجي. هن چيو ته پي ڊي ايم طئه ڪيو آهي ته عوام جو ساٿ ڏيڻو آهي، هن وڌيڪ چيو ته ادارن کي به چئون ٿا ته حقيقتن کي سمجھن، پنهنجي ڪردار جو جائزو وٺن، ماضي جي غلطين تي قوم کان معافي ورتي وڃي، پوءِ ئي هڪ قوم بڻجي ملڪ کي بچائي سگھجي ٿو. مولانا فضل الرحمان چيو ته پي ڊي ايم ملڪي بقاءَ جي جيڪا جنگ وڙهي پيو انهي ۾ سوڀارا ٿينداسين. نواز ليگ جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته پاڪستان اهڙي هنڌ پهچي ويو آهي جو پوري دنيا ۾ ڪير اسانجي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ئي ناهي، ملڪ کي اهڙين حالتن مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ نيون چونڊون ئي واحد حل آهي، پي ڊي ايم اقتدار ۾ حصي نه پر ملڪ کي آئين تحت هلائڻ جي ڳالهه پيو ڪري. 2018ع واري اليڪشن چوري ٿي هئي، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان چوي پيو ته پوري دنيا ۾ مهانگائي وڌي آهي، اسان کيس چئون ٿا ته وزيراعظم صاحب ! اسان لنڊن نه پر پاڪستان ۾رهون پيا. پختونخوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي چيو ته پي ڊي ايم کي ڊي چوڪ تي ناهي ٺاهيو ، ملڪي سياست ۾ گارگند وڌي وئي آهي، اسان گاريون تڏهن به برداشت ڪيون هيون، جڏهن انگريز خلاف وڙهي رهيا هئاسين، اسان گاريون ڏيڻ وارا نه پر ٻڌڻ وارا آهيون، هن چيو ته اسان جي بزرگن وڏي جدوجهد سان آئين ٺاهيو، انهي آئين جي بالادستي ۽ مهانگائي خلاف روڊن تي نڪتا آهيون، دنيا ۾ ڪو به نظام آئين ۽ قانون کانسواءِ نه ٿو هلي سگھي، آئينن جي بالادستي سان ئي چونڊيل پارليامينٽ مضبوط ٿيندي. اسان جو مسئلو عمران خان جي حڪومت نه پر اهي ادارا آهن، جيڪي حڪومتون بدلائيندا آهن. اسان سچ ڳالهائڻ جو حلف کنيو آهي، هن چيو ته هي اهي ماڻهو آهن جيڪي بلوچستان جي حڪومت ڪيرائڻ ايندا آهن. هن وقت ملڪ ۾ جمهوري حڪومت قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن وڌيڪ چيو ته اسان پاڪستان جي فوج کي بهترين فوج طور ڏسڻ چاهيون ٿا، اسان چاهيون ٿا ته هر ادارو آئين موجب ڪم ڪري. هن انڪشاف ڪيو ته سينٽ جي چونڊن ۾ هڪ ووٽ 70 ڪروڙ رپين ۾ خريد ڪيو ويو، بلوچستان جي اڳوڻي وزيراعليٰ ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ چيو ته ملڪ ۾ هن وقت سول مارشل لا آهي، ڪراچي سدائين جابرن ۽ مارشل لا خلاف جدوجهد ڪئي آهي، انهي ڪري ڪراچي جي سياست مان اهميت ختم ڪرڻ جي ڪوششش ڪئي وئي، اسان جو سادو مطالبو آهي ته ملڪ کي آئين تحت هلايو وڃي، سموريون قومون ساحل ۽ وسيلن جون مالڪ هجن، عدالتون ۽ پارليامينٽ آزاد نه هجن ته حالتون بدتر ٿي وينديون آهن، سمورن ادارن کي پنهنجا فرض نڀائڻ گھرجن، ماڻهن کي کنڀي گم ڪيو پيو وڃي، بلوچستان کي ديوار سان لڳائڻ جو سلسلو بند نه ڪيو ويو ته حالتون بهتر نه ٿينديون. جي يو آءِ اڳواڻ مولانا عبدالغفور حيدري چيو ته سليڪٽڊ حڪومت نه ميگا منصوبا آڻي سگھي ۽ نه ئي وري مهانگائي کي گھٽائي سگھي آهي ، جي يوپي سربراهه شاهه اويس نوراني چيو ته جعلي حڪومت کي اسان تي مڙهيو ويو آهي، لاهور جو مستانو ڇوڪرو وزير پريس ڪانفرنس ذريعي چوي پيو ته هاڻي گيس ڏينهن ۾ 3 ڀيرا ملندي،