ترڪي جو حال ۽ اردگان جو آئيندو

0
513
ترڪي جو حال ۽ اردگان جو آئيندو

  ترڪي ۾ جون2023ع ۾ هڪ ئي مهل صدارتي ۽ پارلياماني چونڊون ٿي رهيون آهن. اڪيلي ايوان قومي اسيمبلي جنهن کي مجلس ملت چون ٿا جي 600 سيٽن لاءِ چونڊون ٿينديون. هن وقت تائين ڪيل مختلف پولز موجب 67 سالن جي صدر طيب اردگان جو گراف آهستي آهستي ڪري ته رهيو آهي پر پوءِ به کيس اڃان تائين ٻين پارٽين ۽ اتحادن جي ڀيٽ ۾ سرسي حاصل آهي.

صدر رجب طيب اردگان جي صحت بابت قياس آرايون جاري آهن جيڪو اڪثريت نه هئڻ باوجود ٻن اتحادي پارٽين جي مدد سان 19 سالن کان ملڪ جو وزير اعظم ۽ صدر رهندو پيو اچي ۽ ايندڙ چونڊن ۾ عوام اهو فيصلو ڪندو ته وڌيڪ پنجن سالن لاءِ سندس جسٽس ۽ ڊيولپمينٽ پارٽي کي ووٽ ڏئي قومي اسيمبلي ۾ آڻجي جنهن کي هن وقت 600 مان 287 سيٽون مليل آهن ۽ کيس سڌو ووٽ ڏئي صدارت ۾ رکجي يا ڪو ٻيو سندس جاءِ تي آڻجي. ڪجھه مبصرن جو خيال آهي ته اردگان اڳواٽ چونڊن جو اعلان به ڪري سگهي ٿو.2016ع جي ناڪام فوجي بغاوت جنهن بابت هن چيو هو ته “اها بغاوت قدرت پاران تحفو هو” ۽ جنهن تي ڪيترن مخالفن مٿس الزام هنيو هو ته هن اهو “پنهنجن مخالفن کي ڪچلڻ۽ پاڻ کي وڌيڪ بااختيار ڪرڻ لاءِ 12ڪلاڪن جو ڊرامو رچايو ھو” تنهن ۾ 200 ماڻهو مري ويا هئا ۽ ان کان ڏهوڻ تي زخمي ٿيا ھئا. 95 سالن ۾ چوٿين فوجي بغاوت جي ناڪام ٿيڻ جي هڪ سال بعد غيرمقبول ريفرينڊم وسيلي جنهن۾ سندس حمايت ۾ فقط 51 سيڪڙو ووٽ پيا، صدر اهو اختيار حاصل ڪيو ته هو اعليٰ سرڪاري عهديدارن کي پاڻ مقرر ڪندو،

عدالتي نظام ۾ مداخلت ڪري سگهندو ۽ ملڪ ۾ ايمرجنسي هڻي سگهندو. جنهن بعد ڏيڍ لک کان وڌيڪ ملازمن کي نوڪرين تان لاٿو ويو ۽ بغاوت جي مدد ڪرڻ جي ڏوھه ۾ هزارين ڏوهي ۽ بي ڏوهي گرفتار ڪري ميڊيا تي پابنديون هنيون ويون ۽ پنهنجي اقتدار کي طول ڏيڻ لاءِ قدم کنيا ويا. آئيني عدالت جي پندرهن ججن مان تيرهن پنهنجا جج رکيا. 100 ڪمرن تي مشتمل اڌ ارب ڊالر ن جي خرچ سان ٺھندڙ سندس صدارتي محل آميريڪي وائيٽ ھائوس ۽ روسي ڪريملن کان به وڏو آھي. جيتوڻيڪ سندس جسٽس ۽ ڊيولپمينٽ پارٽي ساڄي ڌر جو پروگرام رکندڙ هئي ۽ سندس حمايت جو مرڪز ننڍا شهر ۽ ٻهراڙيون هيون جيڪي مسلسل فوجي راڄن، ڪرپشن، مهانگائي ۽ بيروزگاري سبب تنگ هئا ڇو ته سال ۾ انفليشن 100 سيڪڙو تائين وڌي چڪو هو جنهن ڪري سال ۾ شين جا اگھه ٻيڻا ٿي چڪا هئا ۽ هڪ ڊالر ۾ 13 لکن کان وڌي ليرا ملي رهي هئا. گنيز ورلڊ رڪارڊ موجب ان وقت ترڪش ليرا دنيا ۾ سڀني کان خسيس ڪرنسي بنجي چڪي هئي.

شروعاتي سالن ۾ سندس پارٽي جي معاشي سڌارن سبب جيڪي عالمي بينڪ جي سابق نائب صدر ڪمال درويش جي قيادت ۾ آندا ويا هئا تنهن سان ڏھن سالن اندر في فرد آمدني ٽيڻي ٿي وئي هئي ۽ ليرا هڪ آميريڪي ڊالر جي ويجهو پهچي چڪو هو. پر بعد ۾ مسلسل اقتدار ۾ رهڻ جي خواهش سبب سندس ڌيان گورننس بجاءِ پنهنجي اقتدار کي بچائڻ تي لڳي ويو ان لاءِ هن سيڪيولر آئين واري جديد ترڪي جي باني ڪمال اتاترڪ جي ملڪ ۾ مذهب جو سهارو ورتو ڇو ته هو ننڍائپ کان مصر جي اخوانن مسلمون کان متاثر هو ۽ ان جي شاگرد تحريڪ جو سرگرم ميمبر ھو ۽ استنبول جي ميئرشپ جي زماني ۾ مسجدن کي مورچا ۽ قبن ۽ منارن کي هئلمٽ ۽ زرھه سڏڻ بابت هڪ نظم پڙهڻ سبب کيس ميئر جي عهدي تان هٽائي چئن مهينن لاءِ جيل ۾ وڌو ويو هو.

ترڪي جي 98 سيڪڙو آبادي مسلمانن تي مشتمل آهي جيڪا معاشي مسئلن سبب فوجي ۽ سول حڪومتن کان تنگ هئي.هن اتاترڪ جي مدرسن ، حجاب ۽ ترڪي ٽوپي تي وڌل پابنديون ختم ڪيون ۽ مسجدن ۾ خطيب مقرر ڪيا. اهڙي طرح سندس ڌيان آهستي آهستي معيشيت بجاءِ مذھب طرف وڌندو رهيو ۽ گهرو مسئلن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ هن ڪيترائي پرڏيهي محاذ کولي ڇڏيا آهن. ان ڪري مسئلن ٻيهر ڪر کڻڻ شروع ڪيو آهي.

گذريل مهيني جي آخر ۾ سفارتي تاريخ جي هڪ غير معمولي واقعي ۾ ڏهن ملڪن جن۾ آميريڪا، ڪينيڊا، فرانس، جرمني، نيوزيلينڊ، ڊينمارڪ، سويڊن، فنلينڊ، ناروي ۽ نيڌرلينڊ جا سفير شامل هئا تن گڏيل بيان جاري ڪري ترڪي جي 64 سالن جي پبلشر، سول سوسائٽي جي متحرڪ ڪارڪن، مالدار واپاري ۽ خيراتي ڪم ڪندڙ عثمان ڪوالا جي آزادي جو مطالبو ڪيو هو جيڪو چئن سالن کان بنا ڪنهن مقدمي جي قيد آهي جنهن کي ٻه سال اڳ يورپي انساني حقن جي عدالت به آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

جنهن بعد اردگان پنهنجي پرڏيهي وزارت کي حڪم ڏنو ته بيان ڏيندڙ انهن سفيرن کي “ناپسنديده فرد” قرار ڏئي ملڪ نيڪالي ڏني وڃي. ڪوالا بابت چيو وڃي ٿو ته هن 2016ع ۾ ٿيندڙ فوجي بغاوت جي مالي سهائتا ڪئي هئي. انهن ڏهن مان ست سفير سندس اتحادي ناٽو جا ميمبر آهن جنهن بعد يورپي پارليامينٽ جي صدر ڊيوڊ ساسولي ٽويٽ ڪري خبردار ڪيو هو ته “ کين ڌمڪائي نٿو سگهجي ۽ ان سان لڳي ٿو ته ترڪ حڪومت آمرانا لاڙن طرف وڌي رهي آهي.

” بعد ۾ آميريڪي صدر جو بائيڊن سان اٽلي ۾ G20 ملڪن جي گڏجاڻي جي موقعي تي ملاقات بعد هن اهو حڪم واپس ورتو ڇو ته کين آميريڪا کان ايف 16 جنگي جهازن سميت جنگي هٿيار به گهربل آهن. اٽلي مان پروگرام موجب کيس گلاسڪو ۾ ٿيندڙ ماحول بابت COP26 ڪانفرنس ۾ تقرير به ڪرڻي هئي پر هو سڌو انقره واپس موٽي ويو جنهن سان سندس بيماري جا افواهه سامهون آيا آھن. ياد رهي ته ڏھه سال پهريائين سندس آنڊي جو آپريشن ٿيو هو پر ان وقت ئي ڪينسر جي ترديد ڪئي وئي هئي.

اردگان جي سفيرن کي ملڪ نيڪالي جي حڪم سان ترڪي ڪرنسي ليرا جو ملھه وڌيڪ ڪري پيو آھي جيڪو هلندڙ سال 20 سيڪڙو گسي هڪ ڊالر ۾ تقريبن ڏهن ليرا تي پهچي چڪو آهي.سندس غلط فيصلن جن ۾ سينٽرل بينڪ جي سربراھه جي مشوري جي ابتڙ وياج اگهھ گهٽائڻ ۽ نتيجي ۾ کيس معطل ڪرڻ شامل آهي جيڪري انفليشن يا مهانگائي ۾ 25 سيڪڙو تائين واڌ اچي چڪي هئي ۽ هن وقت افراط زر ۽ بيروزگاري چوٽ چڙهي چڪي آهي. ڪجهھ سال اڳ غربت ۽ بيروزگاري سبب ڪيترن ماڻهن پارليامينٽ ۽ گورنر هائوس اڳيان خودڪشي ڪري ڇڏي. ڪجهھ بيروزگارن سٺ سيڪڙو بجلي جا اگهھ وڌڻ ۽ انهن کي ادا ڪرڻ جي قابل نه هجڻ سبب پنهنجن فليٽن ۾ ڊپريشن سبب پاڻ کي ماري ڇڏيو. پنهنجي فيصلي کي درست ثابت ڪرڻ لاءِ اردگان دليل ڏئي رهيو آهي ته “اسلام ۾ وياج جي اجازت ناهي ۽ جيترو وياج گهٽ هوندو اوترو گناھه گهٽ ٿيندو ۽ مهانگائي گهٽبي.

” پر سينٽرل بينڪ بدران صدارتي محل پاران معاشي فيصلي سان سرمائيڪارن جو اعتماد گهٽجي رهيو آهي. ماهر چون ٿا ته وياج گهٽائڻ سان سرمائيڪار بينڪن مان ليرا ڪڍي پرڏيهي ڪرنسيون خريد ڪندا ۽ سيڙپڪاري کي ڇيهو رسندو. هن پنهنجي ناٺي کي معاشي ۽ مالي معاملن جو وزير به مقرر ڪيو آهي. ترڪي جنهن جي 8.5 ڪروڙ آبادي مان تمام وڏي اڪثريت مسلمان آهي پر نسلي طور انهن مان 30 سيڪڙو اقليتون آهن جن۾ ڪرد، عرب، آزري، آرمينيائي، البانوي، يوناني ۽ بلغاري شامل آهن جيڪي اٺ لک چورس ڪلوميٽر خطي سان لڳندڙ سرحد وارن ملڪن ايران، شام، عراق، قبرض، يونان، آزربائيجان، آرمينيا، جارجيا، بلغاريا مان مختلف زمانن ۾ آيا آهن. ترڪي جي ايراضي ته لڳ ڀڳ پاڪستان جي برابر آهي پر آبادي ٽئين حصي برابر آهي. ايشيا ۽ يورپ جي سنگم تي هئڻ ڪري عالمي واپار جو مرڪز آهي جنهن جي سالياني معيشت پاڪستان کان تقريبن ٽيڻي يعني 800 ارب ڊالر ۽ گهٽ آبادي سبب في فرد آمدني ڏهوڻ تي آهي.

پر ان ۾ ڪورونا بعد واڌ گهٽجڻ، امپورٽ جي ڀيٽ ۾ ايڪسپورٽ گهٽجڻ، ۽ گهڻا ڏيهي ۽ پرڏيهي سياسي توڙي جنگي محاذ کولڻ سبب جن۾ ڪردن سانَ گهرو ويڙھه، شام ۽ لبيا ۾ مداخلت سبب روس، عرب امارات، سعوديا ۽ ايران سان تعقات ۾ تلخي، روم اپسمنڊ ۾ تيل جي ذخيرن جي ڳولا سبب قبرض ۽ يونان سان تلخي ، يورپي يونين سان قبرض جي مسئلي تي ڇڪتاڻ ۽ يورپين يونين کي ڪرسچين ڪلب سڏڻ ۽ سينٽرل بينڪ جي فيصلن ۾ صدارتي محل جي مداخلت سبب مهانگائي جي شرح ٻيهر 19 سيڪڙو تي پهتي آهي. ھن ڪمال اتاترڪ جي پهرين مهاڀاري لڙائي ۾ نقصان بعد عدم مداخلت جي روايت کان به منهن موڙيو آهي.

اتاترڪ جو اصول ھو ته رياست کي پرڏيھي مهم جوئي ۾ نه پوڻ گھر جي سندس مقولو ھو ته “گھر ۾ امن ته جھان ۾ امن” ۽ دنيا سان ڳنڍجڻ لاءِ رسم الخط کي به رومن ۾ تبديل ڪيو. جيتوڻيڪ اتاترڪ سيڪيولر آئين ڏئي مذھبي ھم آھنگي جو بنياد وڌو پر مختلف نسلي اقليتن جن۾ ڪرد سرفهرست ھئا کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيو ته ترڪ ھڪ قوم آھي. اھو ئي سبب آھي ته ترڪي ۾ اڃان تائين نسلي مسئلو حل نه ٿي سگهيو آهي.

پاڪستان جي ابتڙ ترڪي جي اسٽيبلشمينٽ روايتي طور ڪمال جي سيڪيولر پاليسين جي حامي رهي آهي ڇو ته فوج، بيوروڪريسي، عدليا ۾ ڪمالين جي اڪثريت رهي آهي. پر سندن گورننس ۽ معاشي پالسين ۽ اليٽ ڪلاس سان ڳٺجوڙ سبب معاملا بدتر رهيا آهن. 2016 ع جي فوجي بغاوت جنهن جو الزام اردگان پنهنجي پراڻي اتحادي “الخدمت” جي فتح الله گلن تي هنيو هو جيڪو 22 سالن کان آميريڪا ۾ جلاوطن آهي ۽ جنهن حڪومت ۾ هوندي پنهنجي فرقي جا ڪيئي ماڻهو بيوروڪريسي، فوج ۽ عدليا ۾ ڀرتي ڪرايا هئا ۽ اردگان جي خاندان پرور پاليسين سبب ساڻس اختلاف ڪيو هو.

دلچسپ ڳالهھ اها آهي ته فوجي بغاوت ڪندڙن به عوام جي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ سيڪيولرازم، دنيا سان بهتر لاڳاپن ۽ اقرباپروري خلاف ڳالھه ڪئي هئي.پر عوام ان کي رد ڪري ڇڏيو ۽ ٽينڪن کي اڳتي وڌڻ کان روڪي ڇڏيو. اليڪشن ۾ اڃان ڏيڍ سال پيو آهي. ڏسجي ته انهن 18 مهينن ۾ اردگان گراف ڪٿي دنگ ڪري ٿو جنهن جي ڪاميابي جو گهڻو دارومدار ان تي هوندو ته هو دنيا ۾ سنين جو خليفو ٿيڻ بدران ڪمال جي اصول تي عمل ڪندي ٻين ملڪن ۾ عدم مداخلت ۽ عالمي هم آهنگي وسيلي جنگاڻن مان جند ڇڏائي ملڪي معيشت کي ڪيترو بهتر ڪري سگهي ٿو.