اڏيرولال(ن پ ا) اڏيرولال لڳ يونين ڪائونسل عرضي هڪڙا ايٽ نوبت مري جي 20 کان وڌيڪ ڳوٺن جي رهواسين اشتياق هڪڙو، تاج محمد هڪڙو، محمود هڪڙو، بابو قمبراڻي، شوقين ساند ۽ منظور کوکر جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري اڏيرولال وايا قيصر سينهڙو روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بند ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ايندڙ ويندڙ گاڏين جون لائينون لڳي ويون. ڳوٺاڻن دانهيندي ٻڌايو ته برسات بيٺي 3 مهينا گذري ويا آهن پر هن وقت تائين نه ته زمينن مان برسات جو پاڻي ڪڍايو ويو آهي ۽ نه وري برسات متاثرن کي امداد ڏني وئي آهي. هنن چيو ته هن مهل به سوين برسات متاثرن روڊن، واهن ۽ شاخن جي ڪپن تي بي يارومددگار بڻيل آهن. هنن چيو ته تپيدار ظهير ميمڻ ڪافي ڀيرا سوين سڃاڻپ ڪارڊ پڻ کڻي ويو آهي، پر هن مهل تائين ڪنهن به برسات متاثر کي امداد جو هڪ ڪٽو به نه مليو آهي. هنن وڌيڪ ٻڌايو ته ضلعي انتظاميا مٽياري کي کوڙ ڀيرا شڪايتون ڪيون ويون آهن، پر سندن ڪير به ٻڌڻ وارو ناهي. هنن چيو ته هزارين ايڪڙ زمين تي هن مهل به گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل آهي، پر ضلعي انتظاميا توڙي تپيدار ظهير ميمڻ رڳو سکڻا آسرا ڏيئي رهيا آهن. هنن وڌيڪ دانهيندي ٻڌايو ته قبرستانن ۾ پڻ گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل آهي، جنهن ڪري هنن کي ماڻهن کي دفنائڻ لاءِ وڌيڪ خرچ ڀاڙا ڪري ٻين علائقن ۾ مري ويلن کي دفنائڻ لاءِ وڃڻو پوي ٿو اسڪول برسات جي پاڻي ۾ ٻڏل آهن، شاگردن جي تعليم پڻ تباهه ٿي رهي آهي. هنن ضلعي انتظاميا مٽياري ۽ تپيدار امدادي سامان ۽ ڳوٺن ۽ زمينن مان برسات جو پاڻي نيڪال نه ڪرايو ته هو احتجاج جو دائرو وسيع ڪندا.