ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊوآدم ۾ نوجوان پورھيت ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت، گهر ۾ ڪهرام، خبر موجب خير محمد ڳوٺ جو رھواسي پورھيت 35 ورهين جو مرتضيٰ ملڪ باءِ پاس تي ٽرڪ ۾ ڪاٺيون ڀري رھيو ھو ته ٽرڪ 11 ھزار وولٽيج جي تارن سان ٽڪرائجي وئي، جنھن جي نتيجي پورهيت سڙي ٿڏي تي فوت ٿي ويو، نوجوان جو لاش اسپتال آندو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، پورهيت جو لاش گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو.