پنگريو (ن پ ا) ٿر ڪول روڊ تي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ  ڪرڻ  واري ڪيس ۾ جيل ڪاٽيندڙ سماجي اڳواڻ مولوي رمضان لنڊ پنگريو جي صحافين کي سينٽرل جيل بدين مان لکيل خط ۾ اپيل ڪئي آھي ته جيل انتظاميا سندس ملاقات بند ڪري ڇڏي آھي ھو گڙدن جي بيماري ۾ ورتل آھي پر سندس علاج نٿو ڪرايو وڃي  ڀوتارن ۽ ڪامورن سان سندس اصولي اختلافن جي ڪري انتظاميا کيس ذھني دٻاء ۾ رکي جھڪائڻ چاھي ٿي ته جيئن آئون ڊڄي وڃان ۽ جيل مان آزاد ٿي ٻيھر عوامي اشوز تي جدوجھد تان ھٿ کڻي وڃان ھن انساني حقن جي تنظيمن کي به اپيل ڪئي ته سندس لاء آواز اٿاريو وڃي  ھن کي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسايو ويو آھي جنھن جي صاف شفاف جانچ ڪرائي  ساڻس انصاف ڪيو وڃي واضع رھي ته پراڻ نندي کي ايم ايم ڊي  4آر ڊي وٽان لڳل گھاري جي  پنگريو سميت بدين ضلع جي ملڪاڻي جرڪس پيربودلو حيات خاصخيلي سمن سرڪار بھادر چانڊيو خانشاه يونين ڪائونسلن جي متاثرين  جي قدرتي وھڪارا بحال ڪريو تحريڪ جي ٿرڪول روڊ تي لڳل ڌرڻي وارن تي کوسڪي ٿاڻي تي داخل ايف آء آر جنھن ۾ 30 معلوم ۽ 50 نامعلوم جوبدار ڄاڻايل آھن جن مان 2جوبدار  اصغر چانڊيو ۽ سماجي اڳواڻ رمضان لنڊ ڊسٽرڪ جيل بدين ۾ قيد آھن جن جي اڄ 18آڪٽوبر تي بدين سيشن ڪورٽ ۾ ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي رکيل آھي.