قمبر (رپورٽر) قمبر ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي سميع تنيو. عبدالوهاب گوپانگ، ناصر لاکو ۽ ٻين چيو ته گذريل 7 مهينن کان مسلسل احتجاج ڪري رهيا آھيون پر تعليم کاتي جا عملدار هن وقت تائين اسان کي آفر ڏيڻ بدران دلاسا ڏيندا پيا اچن، جيڪا سراسر زيادتي ۽ ناانصافي آھي، هنن چيو ته تعليم کاتي جا عملدار خالي جايون به ظاهر ڪري نه سگهيا آھن جنهن ڪري اسين سخت پريشان آھيون، هنن مطالبو ڪيو ته آفر آرڊر ڏئي پريشانين کان بچايو وڃي.