ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم ڪيو ايم جي ٽارگيٽ ڪلر سعيد ڀرم جي موت جي سزا خلاف اپيل تي  پراسيڪيوشن کان دليل طلب ڪري ورتا، پوليس موجب سعيد ڀرم خلاف 2010ع ۾ پوليس اھلڪار ابرار زيدي کي قتل ڪرڻ تان نبي بخش ٿاڻي تي قتل ڪيس داخل ڪيو ويو هو.