ٺٽو (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير مولانا محمد حسين محنتي چيو آھي ته جيستائين ايماندار حڪمران نه ايندا تيستائين ملڪ ترقي ڪري نه سگھندو. اهڙو اظهار هن ٺٽي لڳ نور فائونڊيشن اسڪول ۾ منعقد ڪيل افطار پارٽيءَ کي خطاب ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته جماعت اسلامي ملڪ ۾ اسلامي نظام چاھي ٿي، ان سان ئي ملڪ ۾ تبديلي ايندي. جماعت اسلامي اڳواڻ جو چوڻ هو ته ملڪ مٿان اھڙا حڪمران مسلط ڪيا ويا آھن، جن ملڪ کي لٽي ڪرپشن ڪري ملڪ کي ڪنگال بڻائي مھانگائي، بيروزگاري ۾ حد کان وڌيڪ اضافو ڪري ڇڏيو آھي، جنھن ڪري غريب عوام ٻن ويلن جي مانيءَ لاءِ پريشان آھي. افطار پارٽيءَ کي جماعت اسلامي ٺٽو جي امير عبدالله آدم گندرو، الطاف احمد ملاح، ڏاڏا آدم گندرو، عبدالحميد شورو، مجاھد چنا، محمد خان ملاح ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.