گهوٽڪي(رپورٽر) گهوٽڪي جي پراڻي سبزي منڊي جي رهواسڻ شمعا مارواڙي پنهنجي مڙس روشن مارواڙي سهري تلسي مل مارواڙي ۽ ڏير امر مارواڙي سان گڏجي احتجاج ڪندي چيو ته اربيلو، رميش مارواڙي، چندو، مورج مارواڙي ۽ پنهون مارواڙي مڙس جي غيرموجودگي ۾ گهر اندر داخل اجتماعي زيادتي جي ڪوشش ڪئي ۽ بعد ۾ اغوا ڪري وڃي رهيا هئا، ته دانهن تي ماڻهون پهچڻ تي فرار ٿي ويا، اي سيڪشن ٿاڻي تي دانهن کڻي ويس ته پوليس منهنجي مڙس روشن مارواڙي کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو، نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.