شھدادپور(ن پ ا) شھدادپور ڀرسان علي بحر واھ مان نڪرندڙ اوڄاڻو شاخ جي پڇڙ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف آبادگارن پاران آبپاشي عملدارن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. آبادگارن حاڪم خاصخيلي، حسين بروهي، ملوڪ خاصخيلي، حسين حاجاڻو ۽ ٻين دانهيندي الزام هنيو ته آبپاشي عملدار منڍ جي آبادگارن کان رشوت وٺي کين پاڻي فراهم ڪري سندن حصي جي پاڻي تي ڌاڙو نيو پيو وڃي. هنن چيو ته بااثر آبپاشي اختيارين جي آشيرواڌ سان اوڄاڻو شاخ ۾ غيرقانوني، لفٽون، دڪا ۽ ونجهو هڻي پڇڙي جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب وئڻن جو فصل متاثر ٿي ويو آهي، هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اوڄاڻو شاخ تي قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪار مقرر ڪري غيرقانون لفٽ مشينون هٽائي پڇڙي جي آبادگارن کي پاڻي فراهم ڪيو وڃي.