لاهور ( م ڊ ) پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته ايجنسيون ارشد شريف جيان مراد سعيد کي به مارڻ  چاهين ٿيون . هن چيف جسٽس کي اپيل ڪندي چيو آهي ته هو مراد سعيد جي لکيل خط تي ڪارروائي عمل ۾ آڻي جنهن ۾ هن پنهنجي حياتي کي پيش امڪاني خطرن بابت تفصيل بيان ڪيا آهن. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ عمران خان چيف جسٽس کي مخاطب ڪندي لکيو ته  چيف جسٽس صاحب! اڳوڻي وفاقي وزير ۽ ايم اين اي مراد سعيد هن خط ذريعي اوهان کي پنهنجي زندگي کي پيش سنگين خطرن کان آگاهه ڪيو آهي. هن وڌيڪ لکيو ته سُپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس صاحب ئي اها واحد شخصيت آهي جيڪو مراد سعيد جي سلامتي کي يقيني بڻائي سگهي ٿو. عمران خان چيو ايجنسيون مرحوم صحافي ارشد شريف وانگر مراد سعيد کي به قتل ڪرڻ چاهين ٿيون. اڳوڻي وزيراعظم چيف جسٽس عمر عطا بنديال  کي اپيل ڪندي لکيو ته مراد سعيد جي زندگي جي تحفظ لاءِ جيڪو ڪجهه اوهان جي وس ۾ آهي، مهرباني ڪري ڪريو!.