اسلام آباد (بيورو رپورٽ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻن جون ضمانت واريون درخواستون رد ڪري ڇڏيون، مراد سعيد، حسان نيازي، فرخ حبيب، اسد قيصر ۽ شبلي فراز جون ضمانت واريون درخواستون رد ڪيون ويون. ذلفي بخاري، اعظم سواتي، عاطف خان، علي نواز اعواڻ ۽ خرم نواز جون به ضمانت واريون درخواستون رد ڪيون ويون، جوابدارن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت گولڙه ٿاڻي تي ڪيس داخل آهن.