لاهور ( م ڊ ) مريم نواز چيو آهي ته ٿُڪ آهي سياستدان جي ويس ۾ لِڪل غدارن تي جيڪو شهيدن جي بي قدري ڪري اهو رڳو غدار هوندو آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي شهيدن جي عظمت جي ڏهاڙي جي موقعي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ پاڪستان مسلم ليگ نون جي سينيئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر چيو ته شهيدن جو رت ڪنهن فرد جو نه قوم جو قرض هوندو آهي. مريم نواز وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين ذهني مريض آهي، عمران خان جا پنهنجا ڏوهه ۽ زيادتيون سندس پيڇو ڪري رهيون آهن. هن چيو ته شهيدن جو رت مُلڪ فخر ۽ مٽي جي امانت هوندو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ٿُڪ آهي سياستدان جي ويس ۾ لِڪل غدارن تي.