اوڀر پاڪستان سانحو: ڀاءُ کي ڀاءُ کان جدا ٿئي 50 سال وهامي ويا

0
190
اوڀر پاڪستان سانحو

ڪراچي(م ڊ) بنگلاديش کي پاڪستان کان الڳ ٿئي اڄ 50 سال گذري ويا، اڄوڪي ڏينهن 1971ع ۾ ڀارت جي ناپاڪ سازشن جي ڪري پاڪستان ٻه ٽڪرا ٿيو ۽ ائين ڀاءُ سان ڀاءُ جدا ٿي ويو

ماضي جون تلخ يادون اڄ به تازيون آهن پر هي ڏينهن اسان کي ماضي مان سبق سکڻ ۽ دشمن جي چالبازين کان هوشيار رهڻ جي ياد ڏياري ٿو

پاڪستان جي سياسي عدم استحڪام کي پنهنجي مذموم مقصدن لاءِ استعمال ڪندڙ ڀارت 1971ع جي جنگ کان گهڻو اڳ پاڪستان کي ورهائڻ جي سازش ڪري چڪو هو، هن منصوبي کي مڪمل ڪرڻ ۾ ڀارت جي ڳجهي ايجنسي را ٺاهڻ بعد سازش تيار ڪئي وئي

هندستاني فوج پاڪستان جي خلاف هڪ انتهاپسند تنظيم مڪتي باهني جي 2 لک ڪارڪن تيار ڪيا جيڪي اڳ ۾ ئي پاڪستاني فوج خلاف گوريلا آپريشن شروع ڪري ڇڏيو هو

تاريخدان ڊاڪٽر جنيد جو چوڻ آهي ته هندستان جي اها پروپيگنڊا به درست ناهي ته پاڪستاني جنگي قيدين جو تعداد 90 هزار فوجين تي ٻڌل هئي، حقيقت ۾ اوڀر پاڪستان ۾ پاڪستاني فوجين جو ڪل تعداد 34 هزار هو

هندستان اوڀر ۽ اولهه پاڪستان جي وچ ۾ سياسي، معاشي، سماجي ۽ جاگرافيائي تفاوت کي پاڪستان کي ٽوڙڻ لاءِ استعمال ڪيو، غدار دشمن اڄ به ان ئي رستي تي هلي رهيو آهي ۽ بلوچستان مان را جي ايجنٽ ڪلڀوشن ياديو جي گرفتاري ان ڳالهه جو چٽو ثبوت آهي