مني لانڊرنگ ڪيس:شھباز شريف ۽ حمزه شهباز جي ضمانت ۾ 24 جنوري تائين واڌ

0
228
مني لانڊرنگ ڪيس

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مني لانڊرنگ ۽ مالياتي اسڪينڊل ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي ضمانت ۾ 24 جنوري تائين واڌ ڪئي وئي آھي

مني لانڊرنگ ڪيس ۽ مالياتي اسڪينڊل جي ٻڌڻي دوران بينڪنگ ڪورٽ جَي جج سوال اُٿاريو آهي ته ڇا بينڪنگ ڪورٽ کي هِن ڪيس جِي ٻڌڻي جو اختيار آهي

جج چيو تھ وڪيل معاونت ڪن ته اختيارين جَي دائري جو فيصلو عدالت ڪندي يا پراسڪيوشن؟ عدالت 24 ڊسمبر تي وڪيلن کي دليلن لاءِ طلب ڪري ورتو آھي

جڏھن تھ نواز ليگ اڳواڻ حمزه شهباز چيو آهي ته پاڪستان ۾ مهانگائي سبب عوام جو جيئڻ تنگ آهي، هارين کي يوريا ڀاڻ نٿو ملي، حڪومت دعويٰ ڪري رهي آهي ته هِن سال ڪڻڪ جو بمپر فصل ٿيو آهي، عمران خان جِي نااهلي خلاف قوم کي متحد ٿيڻو پوندو

ھي به پڙھندا

ڌماڪيدار خبر سان نواز شريف ۽ مريم کي نشانو بڻائڻ لاءِ ٿيل سازش بي نقاب ٿي وئي:شھباز شريف