ملڪ جو ڏيوالو ٿي ويو، تبديلي جون ڳالهيون غلط آهن: شبر زيدي

0
816

ڪراچي(م ڊ) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي اڳوڻي چيئرمين شبر زيدي چيو آهي ته ملڪ تمام سٺو ڪم ڪري رهيو آهي، اسان وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن ۽ اسان تبديلي آندي آهي، اهو سڀ غلط آهي، مان سمجهان ٿو ته ملڪ ڏيوالو ٿي ويو آهي

هڪ تقريب کي خطاب ڪندي شبر زيدي چيو ته اسان چوندا رهيا آهيون ته تمام سٺو آهي، وڏيون سٺيون شيون آهن ۽ ملڪ تمام سٺو هلي رهيو آهي، اسان وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن ۽ اسان تبديلي آندي پر اهو سڀ غلط آهي

هن چيو ته منهنجي خيال ۾ نن وقت ملڪ جو ڏيوالو ٿي چڪو، اڪائونٽنگ جي اصطلاح ۾ ملڪ جو ڏيوالو ٿي چڪو آهي

شبر زيدي چيو ته جڏهن اوهان فيصلو ڪيو ته اسان ڏيوالو بڻجي ويا آهيون ۽ هن کان اڳتي اڳتي وڌڻو آهي، هي وڌيڪ بهتر آهي به نبست چوڻ آهي ملڪ ڀلو هلي رهيو آهي، مان هي ڪري ڇڏيندس، مان هو ڪري ڇڏيندس، اهي سڀ ماڻهن کي دوکو ڏيڻ واريون ڳالهيون آهن

ياد رهي ته هي اهو ئي شبر زيدي جو پاڻ به 10 مئي 2019 کان 8 اپريل 2020 تائين وزيراعظم عمران خان جي حڪومت ۾ ايف بي آر جو چيئرمين رهيو