لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ انڊر 19 انٽر سٽي ٽورنامينٽ لاءِ پنج ڪرڪيٽ ايسوسيئيشنز جي سٽي ڪرڪيٽ ايسوسيئيشنز جي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو آهي. بلوچستان ڪرڪيٽ ايسوسيئيش جي ماتحت سٽي ڪرڪيٽ  ايسوسيئيشنز جي اسڪواڊ جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو. سڄي ملڪ ۾ ٿيندڙ ٽورنامينٽ جي شروعات 5 سيپٽمبر کان ٿيندي. خيبرپختونخواهه ۾ اِهو ٽورنامينٽ 7 سيپٽمبر  کان شروع ٿينو، جڏهن ته بلوچستان ۾ ايونٽ جي تايرخن جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو. اسڪواڊز جي چونڊ ميرٽ جي بنياد تي ڪرڻ لاءِ ٽرائلز ڪيا ويا ۽ انهن جي نگراني قومي سليڪٽرز ۽ سيڪنڊ اليون ڪرڪيت ٽيمن جي هيڊ ڪوچز ڪئي.