باڊھه (ن پ ا) باڊھه ۾ سپر ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ وڌيڪ ٻن ميچز جو فيصلو ٿي ويو. ان ڏس ۾ ٽورنامينٽ جي ستين رائونڊ ۾ 2 ميچز جو فيصلو ٿيو، پهرين دنگل ۾ شاهه لطيف ڪلب 8 اوورن ۾ 88 رنز ٺاهيون، جونٽي اليون جي اوپنرز شاندار بيٽنگ  ڪندي هدف 3.4 اوورن ۾ آساني سان حاصل ڪري ورتو. اهڙي ڪاميابي بعد جونٽي اليون ٽيم  ٽورنامينٽ ۾ پنهنجي پوزيشن مضبوط ڪري ورتي آهي. ٻئي طرف ديشي اليون ۽ شائننگ اسٽار ڏوڪري وچ ۾ ڪانٽي جي مقابلي بعد شائننگ اليون ڏوڪري ديشي اليون کي شڪست ڏني. ٽورنامينٽ ۾ بهترين راند کيڏڻ تي نظير بروهي، صفدر بروهي ۽ سلطان مغيري کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.