اسلام آباد (م ڊ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ٽن ڏينهن جي دوري تي عراق پهچي ويو، شاهه محمود قريشي چيو آهي ته انساني حقن جي ڪائونسل ۾ او آءِ سي کي ڪاميابي ملي آهي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي عراق جي دوري دوران بغداد ۾ حضرت شيخ عبدالقادر جيلاني جي روضي تي حاضري ڀريندو، پرڏيهي وزير مسلمان امت جي اتحاد، پاڪستان جي ترقي، خوشحالي لاءِ دعا گهرندو، شاهه محمود قريشي عراقي اختيارين سان ملاقات ۾ ٻه طرفن لاڳاپن، واپار، سيڙپڪاري سميت ٻين شعبن ۾ تعاون واڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪندو. هوڏانهن پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته گڏيل قومن جي انساني حقن جي ڪائونسل ۾ او آءِ سي کي ڪاميابي ملي آهي، او آءِ سي طرفان پاڪستان قرارداد پيش ڪئي، هي غيرمعمولي ڪاميابي آهي، هن چيو ته اسرائيل جاچ ۾ تعاون نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي ته هو بي نقاب ٿي رهيا آهن، نيتن ياهو جي بيان مان لڳي ٿو ته هو خوف ۾ مبتلا آهي، فلسطين ۾ ظلمن جي جاچ ٿي ته نيتن ياهو بي نقاب ٿي ويندو.