اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال 2021-22ع دوران معاشي گروٿ جو 4.8 سيڪڙو حدف مقرر ڪرڻ ۽ وفاقي ترقياتي پروگرام لاءِ 900 ارب رپيا رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، رٿابندي واري وفاقي وزير اسد عمر اجلاس کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اي پي سي سي (اينيوئل پروگرام ڪوآرڊيننشن ڪاميٽي) ايندڙ مالي سال 2021-22 جي ترقياتي پلان جي تجويزن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جيڪو ايندڙ هفتي وزيراعظم جي صدارت ۾ اقتصادي ڪائونسل ۾ منظوري لاءِ پيش ڪيو ويندو، هن چيو ته ايندڙ مالي سال لاءِ معاشي گروٿ جو حدف 4.8 سيڪڙو مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ايندڙ مالي سال دوران ملڪي ايڪسپورٽ 26.8 ارب ڊالرن تائين پهچڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين پاران ايندڙ مالي سال دوران 31.3 ارب ڊالر پاڪستان موڪلڻ جو امڪان آهي، هن چيو ته ايندڙ مالي سال لاءِ وفاقي ترقياتي پروگرام لاءِ بجيٽ 900 ارب رپيا رکڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، هلندڙ مالي سال دوران وفاقي ترقياتي پروگرام جي رقم 650 ارب رپيا آهي، جنهن ڪري ايندڙ مالي سال جي ترقياتي پروگرام جي رقم ۾ 250 ارب رپين جو اضافو ڪيو ويو آهي، هن چيو ته چانور، ڪمند ۽ ٻين فصلن جي پيداوار ۾ اضافو ٿيو آهي، وڏين صنعتن جي گروٿ ۾ به اضافو ٿيو آهي، پر سنڌ سوڌو ٻين علائقن ۾ ڪپهه جو فصل شديد متاثر ٿيو آهي، گيس دريافت لاءِ نوان کوهه کوٽيا پيا وڃن، ايندڙ مالي سال دوران سنڌ جي ٿر واري علائقي ۾ ڪوئلي جي پيداوار ۾ به اضافو نظر ايندو، هن چيو ته گذريل حڪومتي دور ۾ معاشي گروٿ 5 سيڪڙو به رهي، پر ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 20 ارب ڊالر هو، ايندڙ مالي سال دوران هڪ کرب جا منصوبا پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تي به شروع ڪيا ويندا، ترقياتي بجيٽ ۾ ڊيمن جي تعمير لاءِ 100 ارب رپيا رکيا ويندا، ديامير ڀاشا ڊيم، مهمند ۽ داسو ڊيم لاءِ به رقم رکڻ جو سلسلو جاري رهندو، وزيراعظم پاران اعلانيل ڪراچي سوڌو سنڌ جي ترجيحي ضلعن لاءِ پيڪيج توڙي بلوچستان پيڪيج ۾ شامل منصوبن لاءِ به ترقياتي بجيٽ ۾ پيسا رکيا ويا آهن، واپڊا کي ڊيمن جي تعمير لاءِ 50 ڪروڙ رپين جا بانڊ جاري ڪرڻ لاءِ واڪ ملي چڪا آهن، واپڊا پاران به پاڻي منصوبن تي اضافي خرچ ٿيندو، صحت جي منصوبن لاءِ 100 ارب رپيا خرچ ٿيندا، ايندڙ مالي سال دوران زرعي ترقي جو حدف 3.8 سيڪڙو، صنعتي ترقي جو حدف 6.8 سيڪڙو، تعميراتي ترقي جو حدف 8.3 سيڪڙو، خدمتن جي شعبي جي گروٿ جو حدف 4.6 سيڪڙو مقرر ڪيو ويو آهي، ايندڙ سال دوران هائير ايجوڪيشن ڪميشن کي 37 ارب ڏنا ويندا، نوجوانن کي قرضن جي فراهمي لاءِ 5 ارب رپيا رکيا ويندا، ٻئي طرف رٿابندي ڪميشن پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اي پي سي سي جي اجلاس ۾ مالي سال 2021-22ع جي ترقياتي بجيٽ جي منظوري ڏني وئي آهي، 900 ارب جي منظور ڪيل ترقياتي بجيٽ ۾ 100 ارب رپيا پرڏيهي امداد شامل هوندي، انفرا اسٽرڪچر جي منصوبن لاءِ 265 ارب رپيا، پاڻي شعبي جي منصوبن لاءِ 100 ارب رپيا، توانائي جي منصوبن لاءِ 103 ارب رپيا، هائوسنگ ۽ فزيڪل رٿابندي جي منصوبن لاءِ 41 ارب رپيا، تعليم جي منصوبن لاءِ 42 ارب، پائيدار ترقي جي حدفن لاءِ 74 ارب، سائنس ٽيڪنالاجي ۽ آءِ ٽي منصوبن لاءِ 29 ارب، زراعت لاءِ 15 ارب، سرمائيڪاري ۽ بنيادي ڍانچي لاءِ 62 ارب، نجي شعبي جي شراڪتداري جي منصوبن لاءِ 60 ارب رکڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، سنڌ صوبي جي 14 ترجيحي ضلعن جا منصوبا به منظور ٿيل ترقياتي بجيٽ ۾ شامل ڪيا ويا آهن.