ام رباب جي الزامن ۾ صداقت ناهي، ڊي آءِ جي جو رد عمل اچي ويو

0
272
ام رباب جي الزامن ۾ صداقت ناهي، ڊي آءِ جي جو رد عمل اچي ويو
ام رباب جي الزامن ۾ صداقت ناهي، ڊي آءِ جي جو رد عمل اچي ويو

لاڙڪاڻو ام رباب چانڊيو ڊي آءِ جي مٿان لڳايل الزامن جي وائرل ٿيل ويڊيو  جي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ترديد ڪري ڇڏي

سوشل ميڊيا تي ام رباب چانڊيو جي وائرل ٿيل ويڊيو ۾ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو مٿان لڳايل الزامن کي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو رد ڪري ڇڏيو آهي

ڊي آءِ جي ناصر آفتاب پٺاڻ ترديد ڪندي چيو آهي ته قمبرشھدادڪوٽ ضلعي ۾ مقرر ٿيل ايس ايڇ او امداد چانڊيو ڪجھه مهينن کان مقرر ٿيل آهي، جنھن تي پهريان ام رباب چانڊيو طرفان اعتراض سامھون نه آيو هو

ڊي آءِ جي جو چوڻ هو ته منهجي مقرري کان 4 ڏينهن بعد ام رباب چانڊيو طرفان بي بنياد الزام سامھون آيا آهن جن ۾ ڪا صداقت نه آهي

هن چيو ته ايس ايڇ او جي مقرري ضلعي ۾ موجود ايس ايس پي پاڻ ڪندا آهن جنهن ۾ رينج جو ڪوبه عمل دخل نه هوندو آهي

جيڪڏهن ام رباب چانڊيو وٽ ايس ايڇ او امداد چانڊيو خلاف غير قانوني سرگرمين ۾ ملوث هجڻ جا ثبوت موجود آهن ته ڊي آءِ جي آفيس يا ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کي ڏنا وڃن، ثابت ٿيڻ تي ايس ايڇ او خلاف سخت قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي، ماضي ۾ ام رباب چانڊيو جي شڪايت تي انسپيڪٽر امداد چانڊيو کي هٽايو ويو هو

هي به پڙهندا

ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو سردارن جي ڪمداري ڪري رهيو آهي: ام رباب