سکر ۾ ريلوي اسٽيشنز جي انسپيڪشن، ٽريڪ ڪهڙي حالت ۾ آهن؟

0
122

سکر: پاڪستان ريلوي سکر جي ڊويزنل سپرنٽنڊنٽ عرفان الحق روهڙي کان پڊعيدن تائين سنگل سسٽم ليول ڪراسنگ جو جائزو وٺڻ سان گڏ سمورين اسٽيشنز جي انسپيڪشن پڻ ڪئي

ريلوي ترجمان موجب دوري جو مقصد روهڙي کان  پڊعيدن جي وچ وارين ريلوي اسٽيشنز جي انسپيڪشن ڪرڻ هو

ترجمان موجب جتي ٽريڪ تي مسئلو نظر آيو، اُتي مرمتي ڪم شروع ڪرايو ويو آهي، جڏهن ته ڪوتاهي ڪندڙن عملدارن کي ڇنڊ پڻ پٽي وئي آهي

واضح رهي ته ريلوي کان پڊعيدن تائين جو ريلوي ٽريڪ خراب هُجڻ سبب ٽرينن جا حادثا پڻ رپورٽ ٿيندا رهيا آهن

هي به پڙهندا

تنگواڻي ۾ ڪريڪ ڊائون، ڪيترائي افغاني گرفتار