اليڪشن ڪميشن کي 22 ڊسمبر کان اڳ پي ٽي آءِ بابت فيصلو ڪرڻ جو حڪم

0
82
پشاور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي اليڪشن ۽ چونڊ نشان بابت اليڪشن ڪميشن کي 22 ڊسمبر کان اڳ فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

جسٽس عتيق شاهه ۽ جسٽس شڪيل احمد تي ٻڌل 2 رڪني بينچ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي

مختصر فيصلي ۾ عدالت چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن 22 ڊسمبر کان اڳ قانون موجب فيصلو ڪري

پي ٽي آءِ جي بئرسٽر گوهر خان دليل ڏيندي چيو ته سڀاڻي تائين چونڊ نشان نه مليو ته اسان جي اميدوارن جي حيثيت آزاد اميدوارن واري هوندي، اليڪشن ڪميشن ڄاڻي واڻي معاملا اينگهائيندي رهي آهي

سمورين پارٽين کي ڇڏي رڳو هڪ پارٽي سان اهڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، ڇا ڪنهن ٻي پارٽيءَ کان به 32 سوال پڇيا ويا آهن؟

 جسٽس شڪيل احمد چيو ته توهان کي نه ٿو لڳي ته اليڪشن ڪميشن کي شڪايتن تي پاڻ فيصلو ڪرڻ گهرجي؟

 بئرسٽر گوهر چيو ته اليڪشن ڪميشن ۾ شڪايتون ڏيندڙ پارٽيءَ جو حصو نه آهي، عدالت ڪجهه دير لاءِ محفوظ ڪرڻ بعد فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

هي به پڙهندا

ن ليگ به نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ واري تاريخ ۾ واڌ جو مطالبو  ڪري ڇڏيو