پاڪستان افغان سرزمين تان دهشتگرد حملن جو معاملو سلامتي ڪائونسل ۾ اٿاري ڇڏيو

0
101

 گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم چيو آهي ته ڪالعدم ٽي ٽي پي ۽ ان سان واڳيل عسڪري تنظيمون پاڪستان ۾ دهشتگردي جون ذميوار آهن

 منير اڪرم سلامتي ڪائونسل کي خطاب ۾ چيو ته پاڪستان کي ڪالعدم تحريڪ طالبان ۽ ان سان لاڳاپيل عسڪري تنظيمن مان سنگين نوعيت جا خطرا درپيش آهن،  هي تنظيمون پاڪستان ۾ منظم دهشتگردي ۾ ملوث آهن

هن چيو ته افغانستان ۾ دهشتگرد گروپن جي موجودگي نه رڳو افغانستان  پر خطي لاءِ خطرو آهي، پاڪستان گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو ته  ٽي ٽي پي کي جديد هٿيار هٿ اچڻ واري معاملي جي جاچ ڪئي وڃي