گهر ٺهرائي ڏيو: سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري آڏو نالن جي متاثرن جو احتجاج

0
108

ڪراچي: سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري آڏو نالن جي متاثرن طرفان احتجاج ڪيو ويو، سخت نعريبازي ڪئي وئي

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري آڏو اورنگي ۽ گجر نالن جي متاثرن احتجاجي مظاهرو ڪيو، مظاهري ۾ عورتن ۽  ٻارڙن جو وڏو انگ شريڪ، گهر ٺهرائي ڏيو جا نعرا هنيا ويا

مظاهرين جو چوڻ هو ته اسان کان اسان جي ڇت کسي وئي، اڃان تائين نه معاوضو مليو ۽ نه ئي گھر ٺهي مليا آھن

مظاهرين جو چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ کي حڪمن تي عمل ناھي ٿي سگھيو، اسان انصاف جي اميد کڻي سپريم ڪورٽ آيا آھيون

احتجاج ڪندڙن چيو ته سنڌ حڪومت ٻن سالن تائين 15 هزار روپيا ڪرائي جي مد ۾ ادا ڪرڻ جو وعدو ڪيو هو

هي به پڙهندا

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري نالن جي متاثرن کي معاوضن جي فوري ادائگي جو حڪم ڏئي ڇڏيو