اقصيٰ چانڊيو جي اغوا ۾ منهنجو ۽ پير پاڳاري جو تعلق ناهي: الزام هيٺ لالڻ شاهه جو موقف

0
285

پير جو ڳوٺ: ڪراچي جي بنگلي تان اغوا ٿي ويل اقصيٰ چانڊيو معاملي تي سيد لالڻ شاهه جو موقف سامهون اچي ويو آهي

ڪراچي ۾ پراسرار نموني گم ٿيل اقصيٰ چانڊيو واري معاملي بابت سيد لالڻ شاهه عرف قائم شاهه جو موقف سامهون اچي ويو آهي

سيد لالڻ شاهه راشدي وڊيو بيان ۾ چيو ته اقصيٰ چانڊيو واري معاملي سان پير پاڳاري ۽ منهنجو ڪو به تعلق نه آهي

سيد لالڻ شاهه راشدي موجب اقصيٰ جي پيءُ اياز چانڊيو مون ڏانهن پوليس موڪلي هئي جنهن تي ڪاوڙ لڳي هئي، اياز جي نياڻي منهنجي نياڻي آهي، آئون هن سان هر قسم جو سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهيان

الزام هيٺ آيل لالڻ شاهه چيو ته ڀيڻ نعيمان شاهه سان رابطو ڪيو ته ان چيو توهان جو ان سان ڪو تعلق ناهي، ان معاملي کان پري رهو، اقصيٰ چانڊيو ڏيڍ مهيني کان گم آهي، پوليس هن وقت تائين ان معاملي تي ڇا ڪيو آهي؟

هي به پڙهندا

خيرپور جي هڪ وڌيڪ پيراڻي گادي جي ڪراچي واري فليٽ مان نوجوان نينگري گم: وڪري جا الزام