زيادتي جو شڪار ٻارڙي ڪپڙن کان آجي حالت ۾ مدد لاءِ رستن تي گهمڻ لڳي

0
434
زيادتي جو شڪار ٻارڙي ڪپڙن کان آجي حالت ۾ مدد لاءِ رستن تي گهمڻ لڳي
زيادتي جو شڪار ٻارڙي ڪپڙن کان آجي حالت ۾ مدد لاءِ رستن تي گهمڻ لڳي

ڀارت: 12 سالن جي ٻارڙي زيادتي بعد ڪپڙن کان آجي حالت ۾ رستن تي مدد لاءِ پڪاريندي رهي، ڀارت ۾ جنسي زيادتي جو شڪار ٿيل 12 ورهين جي ٻارڙي جي ڪپڙن کان آجي حالت ۾ مدد جي لاءِ پڪار ۽ گهٽين ۾ گهمڻ جي هڪ وڊيو سامهون آئي آهي

ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب 12 ورهين جي ٻارڙي کي رياست مدهيا پرديش جي شهر اجين ۾ زيادتي جو نشانو بڻائڻ بعد هڪ پناهه گاه جي ٻاهران اڇلايو ويوهو

ڪپڙن کان آجي ٿيل ٻارڙي جي وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته مشڪل سان پنهنجي جسم کي لُڪائي ٻارڙي هڪ رهائشي علائقي ۾ مدد جي لاءِ پڪاريندي رهي ۽ ان دوران هو دروازي تي بيٺل هڪ شخص کي مدد جي لاءِ چيو ، جڏهن ته ان شخص ان کي ڌڪاريو ۽ هوءَ هلي وئي

جڏهن ته هاڻ ٻارڙي کي زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، وڌيڪ طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ اندور ريفر ڪيو ويو

پوليس موجب ٻارڙي ان حالت ۾ ناهي ته پنهنجي باري ۾ ڪجهه ٻڌائي سگهي، جڏهن ته ان جو لهجو ٻڌائي رهيو آهي ان جو تعلق مدهيه پرديش سان ئي آهي

هي به پڙهندا

شڪارپور جي سول اسپتال ۾ بيمار امڙ سان گڏ آيل ناريءَ سان مبينا ريپ