ڪابل (م ڊ) آمريڪا پنهنجو افغانستان ۾ سفارتخانو ڪابل شهر مان بند ڪري ايئرپورٽ منتقل ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته جرمني به سفارتخانو بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. برطانيا پڻ پنهنجو جهاز اماڻي شهرين کي ڪڍڻ جو اعلان ڪيو آهي. مليل اطلاعن موجب افغان راڄڌاني ڪابل ۾ طالبان جي داخل ٿيڻ بعد غيريقيني واري صورتحال آهي پر ملڪ مان پرڏيهين جي منتقلي جو سلسلو جاري آهي. آمريڪا ڪابل شهر ۾ قائم پنهنجو سفارتخانو بند ڪري ڪابل ايئرپورٽ منتقل ڪري ڇڏيو آهي جنهن ته سفارتخاني تان جهنڊو لاهي ايئرپورٽ پهچايو ويو آهي جتان شهرين کي آمريڪا منتقل ڪرڻ جي سلسلي ۾ مدد ڪئي ويندي. ٻئي طرف جرمني به سفارتخانو بند ڪري سفارتي عملي ۽ شهرين جي واپسي جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن، جرمن حڪومت به جهاز ڪابل اماڻڻ جو اعلان ڪيو آهي ته جيئن شهرين کي واپس ملڪ آڻي سگهجي. برطانيا به پنهنجي شهرين کي افغانستان مان ڪڍڻ لاءِ جهاز اماڻڻ جو اعلان ڪيو آهي.