ڪابل(م ڊ) بهادر جنرل هجڻ جو دعويدار رشيد دوستم ۽ سندس ساٿي عطا نور به ملڪ مان فرار ٿي ويا. طالبان عطا جي محل تي به قبضو ڪري ورتو آهي. مليل اطلاعن موجب افغانستان جو اڳوڻو بچاءُ وزير ۽ 90ع جي ڏهاڪي ۾ طالبان جي حڪومت کي مزار شريف شهر ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيندڙاڳوڻي اتر اتحاد جو سربراهه جنرل عبدالرشيد دوستم ۽ سندس ويجهو دوست ۽ ساٿي عطا محمد نور به ڪابل تي طالبان جي قبضي بعد ازبڪستان هليا ويا آهن. مزار شريف ۾ عطامحمد نور جي محل ۾ طالبان داخل ٿي ويا آهن ۽ قبضو ڪري ڀڃ ڊاهه ڪئي جنهن جا فوٽو وائرل ٿي ويا آهن. ان تي ردعمل ۾ عطا نور جو چوڻ آهي ته مزار شريف تي طالبان جو حملو جبر هو