اسلام آباد (م ڊ) قومي ايئر لائن (پي آءِ اي) جون ٻه اڏامون افغانستان ۾ ڦاٿل پرڏيهين کي کڻي اسلام آباد پهچي ويون. افغانستان مان آمريڪا ۽ اتحادي فوجن جي واپسي کانپوءِ طالبان جي وڌندڙ ڪنٽرول سبب ڦاٿل پرڏيهين کي ڪڍڻ لاءِ پي آءِ اي جو آپريشن شروع ٿي ويو آهي. پهرئين مرحلي ۾ ڪابل کان ٻن خاص اڏامن ذريعي پرڏيهين کي اسلام آباد پهچايو ويو آهي. پي آءِ اي جو پوئنگ 777 جهاز اڄ صبح 11 وڳي اسلام آباد کان ڪابل پهتو هو، اها اڏام پي ڪي 6250 ڪابل کان پرڏيهي مسافرن کي کڻي اڄ شام 5 لڳي 25 منٽن تي اسلام آباد پهچي وئي. پي آءِ اي جي ٻي اڏام پي ڪي 6251 ساڍي 6 وڳي ڪابل کان اسلام آباد لاءِ رواني ٿي، اها ايئر بيس اي 320 به مسافرن کي کڻي اسلام آباد پهچي وئي. ان کان اڳ ڪابل ايئرپورٽ تي خاص فوجي چرپر سبب اڏامن جي اجازت روڪي وئي هئي پر پوءِ اجازت ڏني وئي. سول ايوي ايشن ذريعن موجب پي آءِ اي جون وڌيڪ اڏامون ايندڙ ڪجهه ڪلاڪن ۾ ڪابل کان پرڏيهين کي کڻي اسلام آباد پهچي وينديون.