ڪوهستان ۾ وڏي والاري جي تياري، ڌماڪن ۽ مشينري ذريعي قديم جبل ڊاهي ميدان ٺاهڻ واري عمل خلاف سوشل ميڊيا تي ردعمل ڏنو ويو، ان سلسلي ۾ نثار کوکر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هاڻي ڪوهستان تي والار ڪئي پئي وڃي، 6 جون تي بحريا ٽائون خلاف سنڌ واسيو گڏ ٿيو، ٻڌايو ته هن ڌرتي جي جبلن، جهنگن پٽن ڪچي جا وارث جاڳيا آهن. جنهن تي ايوب کوسو لکيو ته ملڪ رياض کي واپسي جو رستو ڏيکارڻ گهرجي، امداد سومرو لکيو ته ڊي سي ڄامشورو فريد جي نيڪالي تائين ڪجهه نه ٿيندو، مير حسن مري لکيو ته پهريان حڪمران طبقي مان جند آجي ڪرائڻي پوندي اهي انهن جي سپورٽ ڪري رهيا آهن، سجاد علي خان لکيو ته روز نئون ڪو تماشو آهي، شمس پالاري لکيو ته ڪوهستان جي والا نامنظور، مظهر رند لکيو ته اهو ته رڳو فرنٽ مين آهي، سريش مالهي لکيو ته قبضا گيري نامنظور، غفار مري لکيو ته چوڌري نثار ملڪ رياض کي پنجاب مان ڪڍيو هو، .محمد رفيق لکيو ته ھن وقت پ پ جيڪو پاڻي ڪارڊ کيڏي سنڌ واسين جي ھمدردي حاصل ڪرڻ چاھي ٿي خدارا پ پ جي ان سازش جو حصو نه بڻجو بنجو. ھي جيڪا بحريا ٽائون جي سنڌ تي والار آھي اھا ھاڻي ان جي شروعات ٿي آھي ان کي ختم ڪرڻ گهرجي،قمر ڪنڀر لکيو ته سنڌ ۾ هڪٻئي پٺيان اشوز آهن ڪنهن ڪنهن کي سنڌ جو عوام منهن ڏيندو، سنڌ جا ماڻهو غربت جي لڪير کان به هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن. زبير احمد لکيو ته ترقي سان دشمني نه هئڻ گهرجي، محبوب علي جلباڻي لکيو ته بحريا ٽائون نامنظور، ملڪ فرحان ارباب لکيو ته جڏهن بحريا ٽائون مڪمل ٿي ويو ته پوءِ جاڳيا آهيو،سعيد جهتيال، دستگير قريشي، ڪشور ڪمار، عنايت الله، آڪاش جبار، مير حسن آزاد، غلام حيدر ملاح، شعيب مگسي، بخشڻ سهتو، امان خان، ديال سهراڻي، نثار چانڊيو، سليم شيخ ۽ ٻين پڻ ردعمل ڏنو.