سنڌ سرڪار قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ سينيٽ چيئرمين کي خط لکي چيو آهي ته آدمشماري نتيجن ۾ سنڌ جي آبادي گهٽ ڏيکاري وئي، آدمشماري جو معاملو گڏيل پارليامينٽ ۾ اماڻيو وڃي، اوهان ان معاملي کي ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته آدمشماري گهٽ ڏيکارڻ سنڌ سان انصافي آهي، اهو معاملو گڏيل پارمينٽ ۾ اچڻ گهرجي ان لاءِ سنڌ مان چونڊيل نمائندا قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ آواز اٿارن. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي ڪامريڊ منان چانڊيو لکيو ته سنڌ ۽ سنڌين سان وفاقي سرڪار هر محاذ تي ناانصافي ڪندي پئي اچي. ساڳئي تناظر ۾ سنڌي قوم جي آدمشماري گهٽ ڏيکاري سنڌي ماڻھن سان زيادتي ڪئي وئي آھي. تنهنڪري سنڌ سرڪار کي گهرجي ته هر مناسب فورم تي پنهنجو ڀرپور آواز اٿاري، پرويز خاصخيلي لکيو ته هيل تائين تاريخپڙهندا ته سنڌ سان وفاق رڳو نا انصافي ڪئي آهي. ڀلي وفاق ۾ پ پ وارن جي حڪومت ڇو نه هجي، خادم گهراڻو لکيو ته سنڌ جي آدمشماري گهٽ ڪيئن ٿي؟ سال تي ٽي سيڪڙو آبادي وڌي ٿي ته سنڌ جي آدمشماري وڌڻ گهرجي خط لکڻ بهترين عمل آهي، گل حسن لکيو ته ٿيندو ڪجھه ڪونه خط سان، جاويد هڪڙو لکيو ته آدمشماري کي ڇڏيو سنڌ سرڪار هتي شاهي خرچ ڪري رهي آهي، حاڪم ڪٽوهر لکيو ته اها سنڌ سرڪار جي نا اهلي آهي، نماڻو نوناري لکيو ته هي ته آدمشماري آهي پر هر معاملي ۾ سنڌ سان زيادتي جاري آهي، عرفان علي ڏاهاڻي لکيو ته سند حڪومت جيڪا ڳالهه ھيئر ڪري رھي آھي ته اھا ساڳئي ڳالهه قومپرست ڌرين 3سال اڳ ڪئي هئي، جيئن پنجاب سنڌ جو پاڻي چوري ڪري رهيو آهي، عبدالله ميراڻي لکيو ته سنڌ حڪومت چئن سالن کان پوءِ سجاڳ ٿي آهي؟ اها حقيقت آهي ته سنڌ جي آدمشماري جا انگ اکر ڄاڻي واڻي گهٽ پيش ڪيا ويا آهن اهو ان ڪري ته اگر آدمشماري زياده ڏيکاري وئي ته پوءِ لازمي وفاق کي سنڌ جي ڪمائي مان حصو به گهٽ ملندو.شفقت جروار لکيو ته آدمشماي کان ويندي سنڌ جي زراعت سورن ۾ آهي آبادگارن سان وڏو ظلم پيا ڪن حڪومت ڪهڙي به هجي گهٽ ۾ گهٽ عوام کي رليف ملڻ کپي، ثناءُالله چنا لکيو ته سنڌ سان ناانصافيون ويساهه گهاتيون ٿينديون آيون آهن سنڌ جي آبادي گهٽ ڏيکاري سنڌ جي حقن تي ڌاڙا هنيا ٿا وڃن سنڌ حڪومت کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، سنڌ جي چونڊيل ايم اين اي ۽ سينيٽ ميمبرن کي ايوانن ۾ آواز اٿارڻ گهرجي ۽ نئين سر آدمشماري ڪرائي وڃي. ڊاڪٽر نظير احمد ابڙو لکيو ته سنڌ جي آبادي ڪيئن گھٽ ٻڌائي وئي آھي جڏھن ته آبادي ڏينھون ڏينھن وڌي رھي آھي، سنڌ جي حقن تي ڌاڙو ھنيو پيو وڃي. سنڌ حڪومت جو وفاق ڏانھن خط لکڻ سٺو عمل آھي، شفقت علي چارو لکيو ته سنڌ سان هر مسئلي تي وفاق ناانصافي ڪئي آهي سنڌ گورنمينٽ خود سنڌي قوم سان سچي ناهي، عبدالرشيد لکيو ته اهڙي ڪم جي تعريف ڪجي، عادل الاهي بخش لکيو ته سنڌ حڪومت اڳ ئي چئي چڪي آھي ته وفاق سنڌ سان مان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪندو رهندو آھي. شنڪر باغي ۽ محمد نعيم بلوچ پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، عاشق حسين لکيو ته سنڌ حڪومت گڏيل پارليامينٽ ۾ آواز اٿارڻ لاءِ بھترين قدم کنيو آھي، بشير ميراڻي لکيو ته سنڌ حڪومت جيڪا ڳالهه هينئر ڪري رهي آهي، اها ساڳئي ڳالهه قومپرست ڌرين 3 سال اڳ ڪئي هئي، آفتاب لغاري لکيو ته آدمشماري صوبن جو اھم مسئلو آهي، صوبن جا فنڊ ۽ اقتصادي مالياتي ڪميشن ۾ حصي سميت ٻين ڪيترين ئي معامرن جو دارومدار آدمشماري تي ھوندو آهي سنڌ جي آدمشماري جا انگ اکر صحيح جاري ڪيا وڃن،شاهد شر لکيو ته وفاقي حڪومت هڪ ته سنڌ جو پاڻي چورائي وئي ٻيو وري آدمشماري ۾ هيراڦيري ڪئي وئي. غفار احمد لغاري لکيو ته سنڌ ۽ سنڌين سان بي واجبي ٿي آھي سنڌ ۽ سنڌين جي آبادي گھٽ ڏيکاري وئي آهي ته جئين سنڌ جي وسيلن کي سنڌ کان وڌيڪ ٻين صوبن لاءِ استعمال ڪري سگهجي،سرنگ چنا لکيو ته خطن سان مسئلو حل نه ٿيندو باقي چونڊيل نمائندا ايوانن مان ڀرپور آواز اٿارن، نياز ڪلوئي، محمد نعيم بلوچ، شبير سهتو، مسرور شر به سروي ۾ حصو ورتو، عرفان سيلرو، نعمان غوري، ايم عشرت بروهي، اسد ماڇي، آصف علي ابڙو، احسان سومرو، سڪندر بلوچ، طارق حسين راڄپر، عبدالرئوف ڪونڌر، نثار ڏيٿو ۽ ٻين پڻ راءِ جو اظهار ڪيو.