اشو آف دي ڊي ملير جي ڳوٺن تي چڙهائي: سوشل ميڊيا تي سخت ردعمل ظاهر

0
311

ملير جي ڳوٺن تي بحريا ٽائون عملي جي پوليس سان گڏ چڙهائي ڪرڻ، ڳوٺاڻن تي تشدد ڪرڻ، گهر ڊاهڻ جي ڪوشش ڪرڻ واري معاملي تي سوشل ميڊيا تي سخت ردعمل ظاهر ڪيو ويو ۽ اهڙي عمل جي مذمت ڪئي وئي. ان سلسلي ۾ قادر مگسي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ جي زمينن تي حڪمرانن ۽ قبضا خور مافيا بحريا سميت مختلف اسڪيمن جي نالي ۾ ڳٺ جوڙ سان ملير کان ويندي ڪوهستان ۽ ساحلي پٽي تي ناجائز قبضا ڪرڻ واري عمل خلاف سگهاري احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي، ملير ۾ گبولن جي ڳوٺ تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ۽ ڳوٺاڻن تي تشدد جي مذمت ڪجي ٿي. جنهن تي الله بخش ڪنڀر لکيو ته غريبن سان زيادتين جي مذمت ڪريون ٿا، اياز حسين لکيو ته ان معاملي تي سڀ قومپرست گڏ ٿين،علي محمد مهر لکيو ته سڀ گڏجي ڪا همٿ ڪريو، جامي چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪراچي جي ٻهراڙين ۽ سپر هاءِ وي تي قديم سنڌي ڳوٺن خلاف بحريا ٽائون ۽ سنڌ حڪومت جي ڳٺ جوڙ خلاف سنڌ ايڪشن ڪاميٽي کي گڏيل احتجاج ڪرڻ گهرجي، ان ۾ اڪثريتي وطن دوست ۽ عوام دوست پارٽيون شامل آهن ۽ انکي سمورن باشعور ماڻهن جو به سهڪار حاصل آهي ۽ رهندو. اسان به ساڻن هم قدم هونداسين. بلڊر مافيا ۽ حڪومت جو اهو گڏيل ڌنڌو حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ به جاري آهي، جيسين ان خلاف سياسي پارٽين جو ڪو جٽادار ۽ گڏيل سگهارو آواز نه اٿندو تيسين گهربل دٻاءُ پيدا ٿي نه سگهندو. جنهن تي مير مظهر ٽالپر لکيو ته سياسي پارٽيون ۽ پ پ پاڻ ان ۾ ملوث آهي. آفتاب چانڊيو لکيو ته سنڌ کي ھن وقت فلسطين بڻايو پيو وڃي، ڌاري آبادڪاري سنڌ جو اھم،حساس مسئلو بڻجي چڪي آهي، قديم سنڌي وسندين کي بلڊر مافيا ڪوڙن ڪيسن ۾ڦاسائي بي گھر ڪري رھيا آھن پر ڪير به سندن مالڪي ڪرڻ وارو ناھي سنڌ ايڪشن ڪاميٽي،سنڌ جي نوجوانن، قومي شعور رکندڙ ماڻھن کي ھن وقت گڏيل جدوجھد جي ضرورت آھي. سليم جروار لکيو ته ڪراچي ۾ بنا فرق جي ڪم ڪندڙ سول سوسائٽي جنهن ۾ روشن خيال ڌريون شامل آهن انهن سان حيدرآباد توڙي ٺٽي جون سڄاڻ ڌريون ملي جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي ٺاهين انهن جو گڏيل آواز سگهارو هوندو حڪومت سان رابطو ڪرڻو هجي يا عدالت وڃڻو هجي ان ڪاميٽي جي اتفاق راءِ سان هجڻ کپي، باقي اڪيلا اڪيلا آواز اٿندا دٻجي ويندا، ڪراچي جا دوست هن وقت متحرڪ آهن ان ڪري نيشنل هاءِ وي يا سپر هاءِ وي تي ٿيندڙ قبضن خلاف انهن سان گڏجڻ کپي.ايم پريل مري، محمد آصف، محمد بخش سومرو ۽ ٻين پوسٽ سان اتفاق ڪيو، ايم ڪي چانڊيو لکيو ته سنڌ جا قديم ڳوٺ شامل آهن گڏوگڏ لطيف سرڪار جو تڪيو پڻ ڊاهيو ويو، اسان جا قديم آثار ميسارجن پيا، سنڌ سرڪار جي مجرماڻي خاموشي سواليه نشان آهي.منور چانڊيو لکيو ته گڏيل آواز اٿارڻ گهرجي. لال محمد چانڊيو پڻ ملير ۾ ڳوٺ ڊاهڻ جي مذمت ڪئي، رسول بخش خاصخيلي ڳوٺ ڊاهڻ واريون تصويرون شيئر ڪندي لکيو ته متان سمجهو ھي فلسطين آھي جتي يھودي قبضو ڪري رھيا آھن ھي سنڌ آھي پوليس جي زور تي ملير ڪراچي جي سنڌي ڳوٺن کي ڊاھي قبضو ڪيو پيو وڃي، اهڙي عمل جي مذمت ڪجي ٿي، نور احمد ڪاتيار، ميانداد برهماڻي، عمران سمون، ايوب کوسو، مير محمد دل، عبدالستار رند، امان الله بروهي، سائينداد هنڱورجو، محبوب ڏيٿو، ايڊووڪيٽ ذوالفقار چانڊيو ۽ ٻين پڻ ڳوٺ ڊاهڻ جي مذمت ڪئي. منير مگسي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڌرتي ڌڻين جي زمينن تي بحريا ٽائون، صوبائي حڪومت والار ڪري رهي آھي ساڃاھ وند، قومپرست ڌريون ڳوٺاڻن جو ساٿ ڏين. اياز حيدر پتافي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته مقامي ماڻهو خاص ڪري نقصان ۾ آيل ڳوٺن جا ماڻهو جيتري تائين قومپرستن يا سول سوسائٽي سان گڏجي تحريڪ نه ٿا هلائين ته ايتري تائين ڪجهه ڪونه ٿيندو. مبشر زيدي ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته رمضان ۾ بحريا ٽائون وارا زوري زمينن تي پوليس جي مدد سان قبضا ڪري رهيا آهن ماڻهن کي ڌمڪائي رهيا آهن گرفتار ڪرائي رهيا آهن ۽ روٽي ڪپڙا مڪان جي نعري واري پارٽي ڪجهه نه ڪري رهي آهي.