مرد يا عورت ٻي شادي جي ذميوار آهي؟ شعيب ملڪ ۽ ثنا جاويد جي شادي بعد سوشل ميڊيا تي بحث

0
293
مرد يا عورت ٻي شادي جي ذميوار آهي؟ شعيب ملڪ ۽ ثنا جاويد جي شادي بعد سوشل ميڊيا تي بحث
مرد يا عورت ٻي شادي جي ذميوار آهي؟ شعيب ملڪ ۽ ثنا جاويد جي شادي بعد سوشل ميڊيا تي بحث

 شعيب ملڪ جي ثنا جاويد سان شادي کانپوءِ سوشل ميڊيا تي نئون بحث شروع ٿي ويو، ڪنهن ان عمل کي درست ته ڪنهن وري غلط قرار ڏنو، ڪنهن مرد ڪنهن عورت کي ذميوار قرار ڏنو، ان حوالي سان عائشه ڌاريجو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اسان کي خبر ناهي ته ثانيه ۽ شعيب جو گهر ڪيئن ٽٽو ؟

ڇو جو هي انهن جو ذاتي مسئلو آهي  ڪجهه به هجي ذاتيات تي ڳالهائڻ کان اڳ ۾ زندگي جي نئين سفر تي شعيب ملڪ  کي مبارڪون، ٻن ماڻهن ۾ عليحدگي ٿئي ٿي ته بلڪل اِهو ڪڙو سچ آهي ته مرد نئين زندگي جي رستي جي چونڊ جلدي ڪري ٿو، عورت گهر ٻارن خاندان ۽ سماج بابت سوچي ٻه قدم پٺتي ٿي وڃي ٿي ڇو جو عورت single mother ٿي ڪري ٻار لاءِ جيڪو سوچي ٿي مرد سوچي ٿو پر اڪثريت ائين ناهي مرد وڌيڪ موقع پرست آهي ان ڪري جتي موقعو ڏسي ٿو ان شيءِ کي حاصل ڪرڻ چاهي ٿو ۽آخرڪار  حاصل ڪري وڃي ٿو ۽ عورت  احساسن جي دنيا ۾ ٻار جي احساسن کي جيترو سمجهي ٿي ڪير نٿو سمجهي سگهي

ٻي ڳالهه به درست آهي ته شادي معاشي مسئلو آهي پئسو آهي ته توهان سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ سوچي سگهو ٿا پيار محبت شادي يا عياشي ڪاروبار ايتري قدر جو پئسو آهي ته توهان جي نظر ۾ رشتا جُڙندا ٽٽندا پر هڪ غريب مسڪين لاءِ هڪ ٻار جي پالنا هن دور ۾ ڪرڻ ايتري مشڪل آهي جيئن آزاد فضا ۾ ساهه کڻڻ، شادي نج  ذاتي مسئلو آهي ان ڪري جڏهن سڀ سهولتون هجن ٿيون ته ماڻهو پاڻ لاءِ وڌيڪ سوچڻ لڳي ٿو  ۽ چاهي ٿو ڇو نه هر ان شيءِ کي حاصل ڪجي جيڪا خواب هجي خوابن جي ساڀيان تي ڏنڊ ڏوهه ۽ فتوائون نه هجن  جيو ۽ جيئڻ ڏيو، ٻي ڳالهه ته ثنا جاويد جو به گهر ٽٽو آهي

ان بابت توهان جي ڇا راءِ آهي هڪ گهر آباد ٿيو آهي ته ٻيو گهر ويران ٿيو آهي،منهنجي خيال ۾ زبردستي رشتا نٿا جوڙي سگهجن جنهن شادي ۾ اسان خوش ناهيون اسان جو اندر خوش ناهي اُهو نباھه به ڪهڙو نباھه؟ ٻه سال اڳ ۾ ثنا جاويد پيار جي شادي ڪئي هاڻ ٻنهن ساٿين متفقا راءِ سان رشتو ٽوڙيو ،اِهو حق اسان پاڻ وٽ رکڻ يا ٽيڪا ٽپڻي کان بهتر آهي ته ٻن ساٿين کي ڏيون جيڪي گڏ رهڻ جو شرعي حق رکن ٿا ته الڳ ٿيڻ جو به شرعي حق رکن ٿا مان شعيب ملڪ ۽ ثنا جاويد کي زندگي جي اهم فيصلي تي مبارڪ ڏيان ٿي، جنهن تي جاني خالد ڏاهري لکيو ته مرد تي ايتري رسرچ ڪئي اٿون ٿورڙي عورت تي به ڪري ڇڏيو ھا، ثنا مرد کي ڦاسائي عورت تي ظلم جو پھاڙ ڪيرائي چڏيو حد ٿي وئي. سنڌو حسن علي ٻپڙ لکيو ته مرد جي ٻي شادي تي عورت کي تڪليف ٿيندي آهي پر هتي مرد وڏي تڪليف ۾ آهن، مسرور پيرزادو لکيو ته سٺو لکيو آهي، ساجد علي لکيو ته صحيح عمل ناهي، حبيب ساجد به ردعمل ڏنو، نعمت کهڙو لکيو ته اسان کي تمام گهڻي ڪاوڙ اچي رهي آهي

محب علي ڪڪري لکيو ته شعيب هڪ ناڪام مڙس لڳندو الله ڪري جو نئين ڪنوار سان به نڀائي نئين ڪنوار به اهڙي تڪڻي مڙس کي جلدي پرکي وٺندي ٻيو ته ثانيه مان جيڪر اولاد اٿس ته پوءِ شعيب کي ڏهه سال کن سزا اچڻ گهرجي اهي اولاد لاءِ گهٽ سوچيندا آهن،بهرحال اها ڳالھه توهان جي وڏو وزن رکي ٿي جنهن سان آئون سهمت آهيان ته مرد گهڻن معاملن ۾ عورت کان هزار ڀيرا وڌيڪ شاطر آهي، مير ذوالفقار چانڊيو لکيو ته ذري برابر به متفق نه آھيان، ثانيه پنھنجو گھر ڪرڻ نه پئي چاھيو پاڪستان اچي مڙس کي مڙس سمجھي زندگي گذاري ھا ته ائين نه ٿئي ھا، باقي جيترو عورتن کي ٻارن جو فڪر ھوندو آھي اوترو اسان مردن کي به آهي، آئون پاڻ گذريل ٻن سالن کان ھڪ ننڍڙي ٻار سان گڏ انھن مرحلن مان گذري رھيو آھيان، محمد عرس سومرو لکيو ته عورت پهرين ماءُ آھي ان ڪري ان احساس کي سنڀالي قدم کڻندي آھي باقي ھي معاشرتي مسئلا آھن جيڪي ھر ھنڌ مختلف صورتن ۾ نظر ايندا ڪٿي مرد ڏوھي ڪٿي عورت ڏوھي هوندي آهي

ظهير انصاري لکيو ته تمام ڪارائتيون ڳالهيون ۽ درست ڇنڊڇاڻ، فوزيه محسن لکيو ته معاشري مان شادي جو قدر ختم ٿي ويو آهي، پرديپ لکيو ته ڇا ثانيه ٻي شادي نه ڪندي، هاڻ ثانيه ۽ شعيب جي پٽ جو مستقبل ڇا هوندو؟ اهڙا ڪيئي سوال آهن، سيما چانڊيو لکيو ته هي مرد انهن مردن کان هزار ڀيرا ڀلا آهن جن کي محبتون بند ڪمرن تائين محدود کپن، سماج ۾ عورت کي پنهنجو نالو پنهنجي عزت جو مقام ڏيڻ کان وڌيڪ محبت ڪا ڪونهي، شبير سڌايو مبارڪون ڏنيون، اسد جروار لکيو ته رشتو ٽٽڻ تي مرد جنهن عذاب مان گذرندو آهي عورت تصور به نه پئي ڪري سگھي اسان ڏٺا آھن اھڙا کوڙ واقعا مرد ھجي يا عورت رشتا ٽٽڻ وقت تڪليف به ٻنھي کي ٿئي پئي باقي ڪيترين ئي عورتن طلاق بعد ٻه ٻه ٽئي ٽئي شاديون ڪيون آهن، حضور بخش پوسٽ سان اتفاق ڪيو، ساجد علي ملاح به ردعمل ڏنو، جي ايچ بلوچ لکيو ته اگر هر ڳالهه ۾ مرد ئي ڏوهي آهي ته عورت ڇو ٿي اُن مرد سان شادي ڪري جيڪو already married آهي، ڀلي هو پهرين گهر واريءَ کي devorce ئي ڏئي ٿو ڪنهن ٻي عورت جي محبت ۾ ته عورت کي به سوچڻ کپي اگر هو منهنجي ڪري پهرين گهر واري کي طلاق ڏيئي ٿو سڀاڻي ٻي عورت جي ڪري مونکي به طلاق ڏيئي سگهي ٿو، نياڻيون پنهنجي پيءُ ماءُ والدين جي رضامندي سان شادي ڪن ٿيون ان ڪري اُنھن لاءِ مسئلا نٿا ٿين، باقي جيڪي ڇوڪرا يا ڇوڪريون ڪورٽ ميريج ڪن ٿا يا ماءُ پيءَ والدين کان زوري زبردستي رشتو ڪرائن ٿا اُهو جوڙو ڪڏهن به ڪامياب ڪونه ٿو وڃي اڪثر رُڳو طلاق، گهر ۾ ڦيٽو، ناراضگيون،رنجشون مقدر بڻيل آهن. ان جو مطلب اهو آهي ته عورت کي گهرجي هو پنهنجي ماءُ پيءَ والدين جي رضامنديءَ سان شادي ڪري انشاءَ الله ڪڏهن به ڏک نه ڏسنديون، ايم اعجاز سولنگي لکيو ته هڪ بهترين ليک پر صرف شعيب ملڪ ئي ڇو هن جي نئين گهرواري ثنا جاويد تي به ڳالهائڻ گهرجي ها ته هن به ٻي شادي ڪرڻ ۾ دير ناهي ڪئي جڏهن ته سندس مڙس به طلاق ٿي وڃڻ جي ڳالهه ميڊيا تي ناهي ڪئي پر زال ٻي شادي به ڪري ڇڏي تنهن ڪري هن معاملي ۾ مرد ۽ عورت ٻنهين نئين زندگي جي رستي جي چونڊ جلدي ڪئي آهي ٻئي موقعي پرست محسوس ٿيا آهن

ڪاشف لغاري لکيو ته اڄڪلهه مرد گهر ٻار سڀني جي باري ۾ سوچي ٻه قدم پوئتي هٽندو آهي پر عورت پنهنجي انا کي زنده رکندي آهي اهي ڪافي واقعا منھنجي زندگي ۾ منھنجي اکين سامهون ٿيا ائين کڻي چوان منھنجي پنھنجي گهر ۾ ٿيا آهن هروڀرو عورت کي ايترو معصوميت سان نه نوازيو، منير احمد، صبغت الله ٻگهيو به پوسٽ تي ردعمل ڏنو، مجيب رحمان گبول لکيو ته ڀارت ۽ اسانجي سماج ۾ زمين آسمان جو فرق آھي ڀارتي ماڻھو آزاد سوچ وارا ۽ اسان جنونيت ۾ ٻڏل آھيون باقي سڀ مرد هڪ جهڙا به ناهن، مشاهد حسين لکيو ته مرد کي موقعو به عورت ڏئي ٿي اھا خبر ھوندي به ته اھو مرد اڳ ۾ ئي شادي شده آھي، صابر حسين جهتيال لکيو ته سھڻي، سيبتي، سلڇڻي حقيقت بيان ڪئي آھي، گلباز جوکيو لکيو ته منھنجي خيال سان اوھان ھڪ عورت آهيو سو پنھنجي حساب سان پنھنجي سوچ مطابق اوھان پوسٽ ٺاھي آ پر ائين به ناھي جو مرد موقعي پرست يا جيڪو چاھي حاصل ڪرڻ چاھي اوھان جي لکيل لفظن مان متفق نٿو ٿي سگھجي، ميمڻ عباس لکيو ته شادي ڪرڻ واري به ٻي عورتن ئي ھوندي آھي نه. ذوالفقار علي ويسر ، زرداري خالق، گل محراب، امجد علي، سحرش کوکر، علي نواز چاچڙ، وسيم هنجارا، آصف خان، راشد سولنگي، ممتاز شيخ، ڪاظم عباس، وقار علي انڙ به پوسٽ تي ردعمل ڏنو