جاپان جو مشن ( مون سنائپر ) ڪاميابي سان چنڊ تي لھي ويو ھن لھڻ وقت ڪامياب لينڊنگ جا سگنل موڪليا آھن، پر جلد ئي ھن جي بيٽري ختم ٿي وئي جنھن ڪري فلحال بند ٿي چڪو آھي ۽ ڪا به معلومات نه موڪلي رھيو آھي، جاپان جي سائنسدانن جي مطابق اميد ڪجي ٿي ته ڪجھه ڏينهن ۾ سج جي روشني ھن جي سولر پينل تي پوندي جنھن جي نتيجي ۾ ھي وري ايڪٽو ٿي ويندو يا ڪم ڪرڻ شروع ڪندو. ھن جو بنيادي مقصد اھو ھو ته ھن کي بلڪل ايڪيوريسي سان بلڪل ان جڳھه جي 100 ميٽر جي اندر ڪاميابي سان لاٿو وڃي جنھن جڳھه تي ھن کي لھڻ لاءِ ڪمانڊ ڏني وئي آھي. عام حالتن ۾ باقي مشن ٻڌايل جڳھه کان 10 ڪلوميٽر يا 10000 ميٽر کان پر لينڊ ڪندا آھن. ھن بابت وڌيڪ خبر تڏهن پوندي ته جڏھن ھن تي سج جي روشني پوندي ۽ ايڪٽو ٿيندو ته ڇا واقعي ھي ٻڌايل جڳھه جي 100 ميٽرن جي اندر لٿو آھي يا پري لٿو آھي. ان سان مستقبل ۾ چنڊ تي ويندڙ مشينن کي لينڊ ڪرڻ ۾ آساني ۽ مدد ملندي.