لکي غلام شاهه(رپورٽ: فهيم حيدر منگي) لکي غلام شاهه لڳ 10 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل ناميارو عالم عبدالحميد لنڊ ء سندس ڊرائيور جي راشد ڪانڌڙو جي بازيابي لاءِ احتجاجي قائم ڪيل احتجاجي ڪيمپ ٽئين ڏينهن به جاري رهي احتجاج ڪندڙن انتظاميا پاران موٽ نه ملڻ خلاف سخت احتجاج ڪندي لکي غلام شاهه لاڙڪاڻو موڙ تي ڌرڻو هڻي سکر شڪارپور لاڙڪاڻو روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ٽن ڪلاڪن تائين ڌرڻو جاري هئڻ ڪري ٻنهي طرفن کان ٽريفڪ معطل ٿي وئي سوين گاڏيون بيهجي ويون ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر عمران خان پاران مغوي عالم مولانا عبدالحميد لنڊ جي فرزند مولانا عبدالقدير لنڊ سان رابطو ڪري وڌيڪ 12 ڪلاڪن جي مهلت طلب ڪئي وئي جنهن بعد احتجاجي ڌرڻو ختم ڪري ٻيهر احتجاجي ڪيمپ قائم ڪئي وئي ٻئي طرف مغوين جي بازيابي لاءِ احتجاجي ڪيمپ تي اڳوڻو ايم پي اي پ پ اميدوار محمد شهريار خان ۽ جي يو آئي اڳواڻ مولانا ناصر محمود سومرو پهچي مغوين جي وارثن سان سان همدردي جو اظهار ڪيو ويو ان موقعي تي اڳوڻو ايم پي اي شهريار خان مھر چيو ته هٿ وٺي هتان جي امن خراب ڪيو وڃي ٿو پوليس بيوس بڻيل آهي مولانا عبدالحميد لنڊ انتهائي وڏي پائي جو عالم آهي کيس اغوا ڪري تڪليف ڏيڻ سمجھ کان ٻاهر آهي اسان سندس وارثن ۽ همدردن سان گڏ آهيون جي يو آئي اڳواڻ مولانا ناصر محمود سومرو چيو ته شڪارپور گهوٽڪي ڪشمور جيڪب آباد لاڙڪاڻو ۾ بدامني جي باه ٻري وئي آهي ڪوبه محفوظ نه آهي قبائلي رتوڇاڻ اغوا ڪاري ڄڻ رواج بڻجي ويو آهي.هوڏانهن لکي غلام شاهه موڙ تي لڳل ڪيمپ تي اڳوڻو ايم پي اي مير عابد حسين خان جتوئي اڳوڻو ايم اين اي غوث بخش خان مھر درگاھ جرار پهوڙ جو وفد ٻين سوين سياسي سماجي اڳواڻن مغوين جي وارثن سان همدردي جو اظهار ڪيو ويو