مهمان نواز سنڌ ۾ اوطاقن تي ٿيندڙ حملا ۽ مهمانن جو قتل

0
64
سنڌ ۾ تعليم جي ڳنڀير صورتحال
تاريخي، تهذيبي ماڳن ۽ قديم آثارن ڏانهن لاپرواهيءَ وارو رويو

سنڌ ۾ قبيلائي تڪرارن جي ڏانئڻ حياتيون ڳڙڪائيندي وڃي. ڏينهون ڏينهن وڌندڙ ان قبيلائي دهشتگرديءَ ويڙها ويران ڪري ڇڏيا آهن. گهڻي ڀاڱي انهن تڪرارن ۾ بي گناهه ماڻهو قتل ٿي رهيا آهن. رياستي قانون انهن جهيڙيندڙ ڌرين اڳيان بيوس بڻيل آهي. هُشي ۽ هٿيارن جي زور تي خوني تڪرارن جي باهه ڀڙڪائيندڙن خلاف پوليس به تحرڪ وٺڻ لاءِ تيار نه آهي. قبيلائي دهشتگرديءَ جو دل ڌوڏيندڙ هڪ واقعو ميرپور ماٿيلي جي ويجهو ڳوٺ مسڪان ساوند ۾ ٿيو آهي، جتي موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن اوطاق تي حملو ڪري ڇهن ڄڻن کي قتل ۽ ٽن کي زخمي ڪري ڇڏيو آهي. قتل ٿيل ٽن ڄڻن جو تعلق ڪنڌڪوٽ جي ملڪ برادريءَ سان آهي، جيڪي مهمان هئا ۽ اوطاق تي ترسيل هئا.

خوني قبيلائي آڪٽوپس پوري ريت سنڌ کي پنهنجي وڪڙ ۽ جڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو آهي. تاريخ ۾ مهمان نوازيءَ جي حوالي سان منفرد سڃاڻپ رکندڙ سنڌ ۾ هاڻي اوطاقن تي حملا ڪري مهمان ماريا پيا وڃن. توڙي جو اسان دعويدار ته قوم هجڻ جا آهيون، پر سماجي اڻت قبيلائي آهي، جنهن مان اسان جند ڇڏائي نه سگهيا آهيون. ‘قبيلا- قبيلا’ بڻيل سنڌ ۾ هن وقت به مختلف برادرين جي وچ ۾ سوين تڪرار هلي رهيا آهن، جن ۾ هيستائين هزارين بي گناهه ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن. هڪ طرف ته سنڌ کي هڪ سوچيل سمجهيل سازش ۽ رٿابندي سان منظم نموني ڌاڙيلن حوالي ڪيو ويو آهي ته ٻئي طرف مختلف برادرين وچ ۾ خوني تڪرارن کي اڀاري اعصابي ۽ نفسياتي جنگ مڙهي وئي آهي. جهيڙيندڙ ڌرين وٽ ڳرا هٿيار آهن. آخر اهي هٿيار ڪٿان ٿا اچن؟ سنڌ ۾ اها ويڙهاند ڪنهن جي مفاد ۾ آهي؟ مختلف برادرين جي سردارن جو به ان خوني راند کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار رهندو آيو آهي. اهي هر صورت ۾ اهو چاهين ٿا ته اجايو خوف ۽ عدم تحفظ جو احساس پيدا ڪري برادريءَ کي پاڻ سان گڏ رکجي. پنهنجو ووٽ بينڪ سالم رکڻ لاءِ انهن کي اهو ئي طريقو نظر اچي ٿو. بدامني جي باهه ۾ سڙندڙ سنڌ ۾ پوليس بيوس نظر اچي ٿي. ضلعي ۾ پوليس عملدار انهن ئي سردارن جي مرضيءَ سان مقرر ٿين ٿا، انهن سردارن ۽ ڀوتارن جي پهچ ۽ رسائي اختيار ۽ اقتدار جي ايوانن تائين آهي. رياستي قانون مفلوج بڻيل آهي. هڪ ته قبيلائي دهشتگرديءَ جي واقعن جا ڪيس داخل نٿا ٿين، جو اهو شايد انهن جهيڙيندڙ ڌرين جي سردارن جي وچ ۾ اڻ اعلانيل معاهدو ٿيل آهي. ڇو ته ڪيس داخل ٿيندا ۽ ڏوهاري قانون جي حوالي ٿيندا ته انهن سردارن جي بادشاهي نه رهندي. اسان اڳ به هنن ئي ڪالمن ۾ اهو چوندا رهيا آهيون ته جيستائين برادري تڪرارن کي هُشي ۽ هٿيارن جي آڪسيجن تي زنده رکندڙ سردارن کي قانون جي گرفت ۾ نٿو آندو وڃي، تيستائين سنڌ مان اهي خوني تڪرار ختم ٿي نه سگهندا. سنڌ جي اڌ درجن کن ضلعن ۾ خوني تڪرار هلندڙ آهن. هڪ طرف حالت اها آهي جو سنڌ ۾ غربت پنهنجي انتهائن تي آهي ۽ ماڻهو پنهنجن ٻچن کي هڪ ويلي جي ماني کارائي نٿا سگهن ته پوءِ اهي ايڏا ڳرا هٿيار خريد ڪرڻ لاءِ پئسا ڪٿا ٿا آڻين؟ اهو ئي پر اسراريت وارو پاسو آهي، جنهن ڏانهن نه انتظاميا ٿي ڌيان ڏي ۽ نه وري سنڌ جي ساڃاهه سوچڻ لاءِ تيار آهي. هن وقت اليڪشن جو ماحول آهي ۽ اهي چونڊون صرف ٻن هفتن جي وٿيءَ تي آهن. سنڌ ۾ هن وقت ئي امن امان جي اها حالت آهي ته پوءِ ماڻهو ڪيئن پنهنجن گهرن مان نڪري، بنا ڊپ ۽ ڊاءَ جي چونڊ سرگرمين ۾ حصو وٺندا ۽ آزاديءَ سان ووٽ ڏيئي سگهندا؟ جيئن عرب ۾ جاهليت واري دور ۾ قبيلائي تڪرار پيڙهين تائين پيا هلندا هئا، هن وقت سنڌ جون حالتون قديم عرب جي حالتن کان ڀلا ڪيئن مختلف آهن؟

اسان ان راءِ جا آهيون ته جيستائين سنڌ ۾ خوني تڪرارن جي باهه ڀڙڪائيندڙ سردارن کي قانون جي گرفت ۾ نه آندو ويندو، تيستائين ان قبيلائي دهشتگرديءَ جو انت اچڻ جو ڪو امڪان نه آهي. ان ڪري رياستي قانون جي عملداري قائم ڪئي وڃي ۽ جهيڙيندڙ ڌرين جي سردارن ۽ مک مهندارن کي ان ڳالهه لاءِ پابند ڪيو وڃي ته ڏوهارين کي رياستي قانون جي حوالي ڪيو وڃي. سنڌ ۾ غير قانوني هٿيارن جي پهچ ۽ وڪري جا گس ۽ گهيڙ بند ڪيا وڃن، امن امان جي حالتن کي بهتر بڻايو وڃي ته جيئن چونڊون پر امن ماحول ۾ ۽ بنا ڪنهن خوف خطري جي ممڪن بڻجي سگهن.