ملڪي سياست جو مايوس منظرنامو

0
63
ملڪي سياست جو مايوس منظرنامو

عام چونڊن ۾ ٻه ھفتا مس بچيا آھن، پر ھن مھل تائين ڪا چھل پھل نظر نه ٿي اچي. ملڪي سياست ۾ اھڙي سڃ جو سبب ڪھڙو آھي؟ 8 فيبروريءَ تي ٿيندڙ اليڪشن کي ملتوي ڪرڻ جو مطالبو ڪندڙ ٻه سبب پيش ڪري رھيا ھئا؛ ھڪ دھشتگردي ۽ ٻيو سخت سردي. جڏھن ته ھن مھل تائين عوامي زندگيءَ جي رواني تي انھن ٻنھي سببن جو ڪو به اثر نه پيو آھي. خوشقسمتيءَ سان دھشتگردن ھٿان ڪي بم نه ڦاٽا آھن ۽ بدقسمتيءَ سان پاڪستان جي پھاڙن تي ڪا وڏي مقدار واري برف به نه پئي آھي. ھن وقت آزاد ته ڇا پر ولاريل ڪشمير وارا به برف نه پوڻ سبب واويلا ڪري رھيا آھن. گلگت- بلتستان ۾ به نه برفباري ٿي آھي ۽ نه برسات وٺي آھي. بي بي سيءَ اھڙي موسم واري مھيني کي “اداس جنوري” جو نالو ڏنو آھي.

                 اھو سچ آھي ته جڏھن سرديءَ ۾ پھاڙ سفيد لباس پاتل نظر نه اچن ته ماحول ۾ مايوسي پيدا ٿيڻ ھڪ فطري عمل بڻجي ويندو آھي. ساڳي طرح سان جڏھن ملڪ ۾ چونڊون ٿينديون ھجن ۽ ملڪ ۾ مڪمل طور تي موڳو منظر ھجي ته پوءِ تشويش پيدا ٿيڻ لازمي آھي، ڇو ته ھن ڀيري اليڪشن ۾ جيڪو ماحول جڙيو آھي، اھڙو اڳ ڪڏھن به نوٽ نه ڪيو ويو ھو. ملڪ ۾ مجموعي طور تي سياسي منظرنامو مغل امپائر جي آخري تاجدار بھادر شاھ ظفر جي مشھور غزل جي ان شعر جھڙو روپ وٺي چڪو آھي، جنھن جا ٻول آھن:

”بات ڪرني مجھي مشڪل، ڪڀي ايسي تو نه ٿي،

جيسي اب ھي تيري محفل، ڪڀي ايسي تو نه ٿي“.

ھن وقت ملڪ ۾ آواز ڪيترو آزاد آھي؟ ان جو منظر اسان کي گذريل رات ھڪ ڀيرو ٻيھر نظر آيو، جڏھن سوشل ميڊيا بنا ساھ کڻڻ ۾ مشڪل محسوس ڪندڙ ماڻھو پي ٽي اي کي پِٽي رھيا ھئا. جڏھن پي ٽي آءِ کي آن لائن جلسو ڪرڻ جي اجازت حاصل نه ھجي، جڏھن سوشل ميڊيا تي قيدي نمبر 804 جو نالو وٺڻ مشڪل بڻايو وڃي، جڏھن زبان ۽ ضمير تي مخصوص مھر نه ھڻڻ جي ڏوھ ۾ شيخ رشيد جھڙي اسٽيبلشمينٽ جي حامي ھمراھ کي ھڪ ڀيرو ٻيھر کنڀي کڻايو وڃي. جڏھن تحريڪ انصاف سان نسوري ناانصافي ٿيندي ھجي ۽ پي ٽي آءِ جا مخالف ميڊيا وارا به اھو چوندي ٻڌا وڃن ته، “ڪپتان سان اختلاف پنھنجي جاءِ تي پر ھي ته سڌي سنئين زيادتي آھي” پر ان صورتحال کي جڏھن ملڪ جون ٻه وڏيون سياسي پارٽيون “ڪرڻي ڀرڻي” قرار ڏين. جڏھن ملڪ کي چوکنڀو ڪنھن خاص طرف ڏانھن کنيو وڃي ۽ سڀ کي نظر اچي ته ڇا ٿي رھيو آھي؟ اھڙي ماحول ۾ سياسي منظر تان عوام جي غيرحاضري خوف کان وڌيڪ خار ۽ غصي جي علامت سمجھڻ گھرجي.

ملڪ ۾ سياسي طور تي سرگرمي جي آفيشل اجازت حاصل ھجڻ واريون ٻه وڏيون پارٽيون نه ڪنگال آھن ۽ نه ڪمزور آھن، جو اھي ڪجھ ڏينھن وارا شاھي منظر پيدا ڪرڻ ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي پاران جاري ڪيل ھدايتن جي ڀڃڪڙي جو ڀئُه محسوس ڪن. ملڪ ۾ ھن مھل به سائونڊ سسٽم ۽ رم جھم روشنين جو سيلاب وجود ۾ آڻڻ وارا ڪاريگر پوري طرح سان تيار بلڪه بيقرار ويٺا آھن. ڊيڪوريشن جو مھانگو سامان خريد ڪرڻ وارا دوڪاندار سيزن نه ڪمائڻ واري افسوس جو شڪار آھن. جڏھن ته سياسي پارٽين جا اميدوار پئسو پاڻي وانگر ھارڻ لاءِ آتا آھن پر انگريزيءَ ۾ چوندا آھن ته، “ھڪ ھنج بھار جي مند پيدا ڪري نه ٿو سگھي” (ترجمو). ساڳي طرح سان ڪجھ سچا ۽ ڪجھ ڪوڙا يعني ڪجھ دل جي چوڻ تي، ڪجھ ڪرائي تي آيل ڪارڪن ڪنھن به اليڪشني جلسي ۾ اھو جلوو پيدا نه ٿا ڪري سگھن، جنھن ۾ جوش خروش ھجي.

پنجاب ۾ پِيلي رنگ جا ڪڙتا پھريل دھلاري “ٽور” واري ٽيون تي ھريل ھٿ سياري ۾ وسامندڙ باھ مٿان سيڪي رھيا آھن. پنجاب صرف پئسو ڪمائڻ ۾ ئي نه پر پئسو کپائڻ ۾ به وڏي مسرت محسوس ڪندو آھي. پر ھن ڀيري اھڙو ماحول ئي جڙي نه سگھيو آھي، جو ميان نواز شريف ٻاھر نڪري ۽ وڏن جلوسن جي قيادت ڪري تاريخي جلسا ڪري. تمام گھڻي تڪليف ۽ وڏي مصيبت سان ٻه چار ھزار ٻڌندڙ ڪٺا ڪري ڪيمرائن جون اکيون ڀرڻ جي ڪوشش ڪندڙ اھڙي مشڪل ۾ اڳ ڪڏھن به نه ھئا. جڏھن ته ھن ڀيري پي ٽي آءِ جي ڪپتان جي تمام گھڻي شھرت ھوندي به ن ليگين کي پڪ ھئي ته ميان نواز شريف پنجاب ۾ جادو جڳائيندو ۽ مسلم ليگ (ن) کان پرڀرو ٿي ويل خلق کي پرچائي ماحول مچائيندو پر ھن مھل تائين نتيجو سموري قوم سامھون آھي.

ميان نواز شريف پنھنجي جانشين ڌيءَ سان گڏ ان صوبي ۾ ڪا سرگرمي پيدا نه ڪري سگھيو آھي، جيڪو صوبو صرف ھن جو ئي نه پر ھاڻي پاڪستان جي سياست جو به سڀ کان اھم ۽ فيصلاڪن بنياد بڻجي چڪو آھي. ڇا ان جو ڪارڻ اھو آھي ته ھن مھل به پنجاب ۾ پي ٽي آءِ جا ھزارين ڪارڪن جيلن ۾ واڙيل آھن ۽ باقي گھر گھاٽ ھوندي به روپوش راھن جا مسافر بڻيل آھن. پنجاب ۾ جيڪو ڪجھ ٿيو ۽ جيڪو ڪجھ ٿي رھيو آھي، ان سبب به سياسي جمود پيدا ٿيڻ جو منطق سمجھ جوڳو آھي. اھو فيڪٽر جيڪو پنجاب ۾ سياسي سرگرميءَ مٿان سردمھري مڙھي رھيو آھي، اھو خيبر پختونخوا ۾ به ڪنھن نه ڪنھن رنگ روپ ۾ نظر اچي ٿو. ڇو ته قيد ۾ صرف پي ٽي آءِ جا پنجابي ورڪر ناھن. پٺاڻن مٿان به خان جي جذباتي ساٿ ڏيڻ جو ڏوھ ثابت ٿيل آھي. ڪي پي ڪي ۾ صرف مراد سعيد روپوش ناھي پر گھڻا مشھور مھانڊا منظر کان غائب آھن. جڏھن ته بلوچستان جو معاملو ماھ رنگ جي اسلام آباد واري احتجاج وارو آھي. بلوچستان ۾ عام چونڊون ڪڏھن به چھچھٽو پيدا نه ڪنديون آھن. ان جو سبب صرف اھو ناھي ته صوبو وڏو ۽ آبادي گھٽ آھي. ان جو اصل ڪارڻ اھو آھي ته بلوچستان کي جمھوريت جي محرومي ھر حوالي سان حاصل ٿيندي رھي آھي. اھي بلوچ سردارن ۽ سرڪارن جي وچ ۾ پيڙيل بلوچ پھاڙ جي پاڇي ۾ وھندڙ ان ڪاريز جي پاڻيءَ جھڙا آھن، جنھن جو مقدار مخصوص ۽ رفتار محدود بڻائي ويندي آھي. ڪشمير ۽ گلگت- بلتستان جو معاملو ملڪ جي باقي صوبن کان تمام گھڻو مختلف آھي پر ھن وقت اھم ترين سوال سنڌ جو آھي.

سنڌ ھن مھل تائين ڪنھن به سياسي سرگرميءَ کي موٽ ڏيڻ يا سپورٽ ڪرڻ جي موڊ ۾ نظر نه آئي آھي. ڇا سنڌ سياسي طور تي ستل آھي يا سنڌ زوريءَ اکيون پوري اٿڻ کان انڪار ڪري رھي آھي؟ پيپلز پارٽيءَ کي سنڌ ۾ مضبوط بنياد ھجڻ جو فخر آھي پر ھن وٽ ان سياسي سرد مھريءَ، بلڪه اليڪشن کان بيزاريءَ جو سبب سمجھائڻ جي لاءِ ڪو دليل آھي؟ سنڌ ۾ چونڊ مھم ايتري چپ اڳ ڪڏھن نه ھئي. سنڌ جي سياسي سانت جو سبب ڪھڙو آھي؟ عام طور تي پوري پاڪستان ۽ خاص طور تي پنجاب ۾ به ته چونڊ سرگرميءَ کان لاتعلقي جا ڪجھ سبب بيان ڪيا ويا آھن ۽ باقي بچيل ڪارڻن ۾ سڀ کان اھم سبب اھو آھي ته ھر سوچيندڙ ماڻھوءَ کي صاف نظر اچي رھيو آھي ته اقتدار ميان نواز شريف جو انتظار ڪري رھيو آھي. ميان نواز شريف جو به ھن مھل انداز ڪجھ اھڙو آھي، جو ھو اقتدار وٺڻ لاءِ آتو نه ھجي پر ھن مٿان ڄڻ ته اقتدار کي مڙھيو پيو وڃي. اھوئي سبب آھي ته ھن پنھنجي پارٽيءَ جو اليڪشني منشور لکرائڻ جي تڪليف کڻڻ به گوارا نه ڪئي آھي. پر ھن مھل پڇا پنجاب جي ناھي. ھن مھل اھم سوال ان سنڌ جو آھي، جنھن کان ھن جي آواز جھڙي شاعر شيخ اياز پڇيو ھو ته:

”سنڌڙي مون کي سڏ ته ڏي

تون چپ ڇو آھين؟ ڇاھي؟“

سنڌ جي سياسي سانت ھن مھل ڪنھن ساز وانگر وڄي رھي آھي. پيپلز پارٽيءَ جي نوجوان قائد جھڙي طرح سموري سنڌ ۾ چونڊ مھم جي جلسن ۾ ڀرپور سرگرميءَ جو مظاھرو ڪيو آھي پر ھن جي شخصيت به سنڌ جي عوام لاءِ ڪشش جو ڪارڻ نه بڻجي سگھي آھي. جيڪڏھن سنڌ جي ڪنھن شھر ۾ عوام جو خاصو انگ نظر آيو ته ان جو سبب اتان جي مقامي قيادت جي ڪوشش ھئي. ھن ڀيري پ پ جي چونڊ مھم دوران سنڌ جو مجموعي ريسپانس بدين واري جلسي کان بدتر ناھي ته بھتر به ناھي. جڏھن ته ھن ڀيري پيپلز پارٽيءَ لاءِ سنڌ اندر چوٿون ڀيرو اقتدار ماڻڻ واري صورتحال ايتري پڪي ناھي، جيتري اڳ ھئي. ھونءَ ته ھر ھارائيندڙ اميدوار کي به پنھنجي سوڀ جي سورنھن آنا پڪ ھوندي آھي پر پيپلز پارٽي جو ووٽن وارو نيٽ ورڪ اڄ به پڪو پختو آھي پر اھو خدشو پ پ قيادت جي چھرن مان ھن مھل به لڪي لڪي ليئا پائي رھيو آھي ته متان کيس اقتدار کان محروم ٿيڻو پوي.

جيتوڻيڪ بلاول پنجاب جي دل جھڙي شھر لاھور مان قومي اسيمبليءَ جي سيٽ تي چونڊ وڙھي رھيو آھي پر پنجاب کان وٺي خيبر پختونخوا تائين پاڪستان جي غيرسنڌي صوبن ۾ پيپلز پارٽيءَ جي شھرت ۽ طاقت جو اندازو ھن جي ھر حامي ۽ ھر مخالف آھي. پيپلز پارٽيءَ ڪھڙي به دعوا ڪندي ھجي پر حقيقت اھا آھي ته ھن مھل مذڪوره پارٽيءَ جو آخري سھارو صرف ۽ صرف سنڌ آھي. جيڪڏھن ھن ڀيري سنڌ جو اقتدار پ پ جي ھٿن مان نڪري ويو ته نه رڳو ھن جو سياسي مستقبل سخت مشڪل جو شڪار ٿي ويندو پر ھن جي اڳواڻن جا اھي اثاثا به خطري ۾ پئجي ويندا، جن جا پيداواري پيچرا بيان ڪرڻ ممڪن ناھن. سنڌ ۾ سرڪار نه ھجڻ جو تصور به ان پارٽيءَ لاءِ پريشانيءَ جو باعث آھي، جيڪا پورا 15 سال اکيون پوري اقتدار جا فائدا حاصل ڪندي رھي آھي.

جنھن دور ۾ پ پ کي پنھنجي ڪاميابيءَ  جي پوري پڪ ھئي، ان دور ۾ سنڌ اندر سندس سياسي ساک سگھاري به ھئي ۽ عوام ۾ ھن جا حامي حلقا به سرگرم ھئا. ھن مھل جڏھن پ پ پريشان آھي، تڏھن سنڌ ۾ عوام جو سياسي سھارو ان انداز وارو ناھي، جنھن ۾ جيت جي دلجاءِ ھجي. ملڪ ۾ جيڪو مايوس سياسي منظرنامو پيدا ٿي پيو آھي، ان اداس شام جي شفق جا پاڇا سنڌ جي سياسي اڀ تي به نظر اچن ٿا. جڏھن جمھوريت صرف مخصوص گاني تي جھمر ھڻڻ جي آزادي بڻجي وڃي ۽ جڏھن ھڪ عظيم نظريو نالي ماتر بڻايو وڃي ته پوءِ عوام انھن ھنجن جو رستو اختيار ڪندو آھي، جيڪي ڪاوڙيل ڪڻڇين وانگر وڙھي پوڻ بدران رسي روھ ھليا ويندا آھن.