اشو آف دي ڊي خيرپور حادثو: سوشل ميڊيا تي ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار

0
491

خيرپور ڀرسان روڊ حادثي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 12 مسافر فوت ٿيڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي به ڏک جي صورتحال ڇائنجي وئي ۽ روڊ حادثن جي حوالي سان هڪ نئون بحث شروع ٿي ويو ته ان جو ذميوار ڪير آهي آخرڪار اهي روڊ حادثا ڪڏهن ختم ٿيندا. ان سلسلي ۾ عمران رسول پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته خيرپور حسين آباد ويجهو پراڻي نيشنل هاءِ وي تي مسافر ڪوچ ۽ وين وچ ۾ خوفناڪ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ 12 ڄڻا فوت ٿي ويا، ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن، واقعي واري هنڌ لاشن جا ڍير لڳي ويا، قيامت صغرا جو منظر آهي، آسپاس جي سمورين اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي، مهراڻ هاءِ وي جيسيتائين ڊبل روڊ نٿو ڪيو وڃي اسين لاش ائين کڻندا رهنداسين. سنڌ ۾ 1122 ريسڪيو سروس شروع ٿيڻ گهرجي. جنهن تي حسيب علي چانڊيو لکيو ته سنڌ ۾ اهڙو ڪو ريسڪيو ادارو ٺهڻ گهرجي، ضمير ڦل لکيو ته تمام ڏک واري خبر آهي، نويد کوکر لکيو ته وين وارا تيز اسپيڊ ۾ گاڏي هلائن ٿا ۽ ريس به لڳائن ٿا جنهن ڪري حادثا ٿين ٿا، سليم سهاڳ لکيو ته اهي روڊ حادثا تيز رفتاري جي ڪري ٿين ٿا.دانش احمد وين وارن کي اوور ٽيڪنگ تي جيستائين نه پڪڙيو ويندو تيستائين حادثا ٿيندا رهندا، پنجاب ۾ اوور ٽيڪنگ تي چالان ڪيو ويندو آهي، خبر ناهي اسان جي هاءِ وي پوليس ۽ ٽريفڪ پوليس ڇو ان تي عمل نه پئي ڪرائي. الله بچايو جمالي لکيو ته دل ڏاريندڙ واقعو آهي هنن ڪيترائي گهر اجاڙي ڇڏيا آهن. زوهيب ڦل، خالده منير، عرفان احمد لاشاري، سهيل سيف الله، اسلم ڀٽي، علي بخش خاصخيلي، اختر ٽالپر ۽ ٻين حادثي تي ڏک جو اظهار ڪيو. عبدالقدير ميمڻ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته خيرپور ميرس ويجهو روڊ حادثي ۾ 12 مسافر فوت ٿي ويا آهن، وزيراعليٰ سنڌ کي لگزري آفيس ۾ اطلاع ڪير ڏيندو؟ جنهن تي فتح محمد لکيو ته موٽروي پوليس ۽ ٽريفڪ پوليس کي پئسا کپن، ڪنهن کي ڪا روڪ ٽوڪ ناهي ته ڪير ڪيتري اسپيڊ سان ٿو گاڏي هلائي پوءِ ڇو نه هي روڊ حادثا ٿيندا. عبدالقدير ميمڻ جواب ڏيندي لکيو ته هي حادثو پراڻي نيشنل هاءِ وي تي ٿيو آهي ان تي موٽر وي پوليس ناهي هوندي، آفتاب چانڊيو، شبير قريشي، غلام ياسين جمالي ۽ ٻين ڏک جو اظهار ڪيو. ستار مهر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ٽريفڪ قانون تي عمل نه ڪرڻ کي معمولي ڳالهه سمجهڻ جي ڪري ڳرا نتيجا ڀوڳڻا پون ٿا. عارف ابڙو لکيو ته ڊرائيورن جي لاپرواھي جي ڪري الائي جي ڪيترا گھر ھر روز اجڙن ٿا، خيرپور ضلعي ۾ ٺري ميرواھ کان سکر، سکر کان نوابشاھ، هي موت جي کوهه وانگر گاڏيون هلائن ٿا، ڪوٽ لالو جي واقعي مان سبق نه پرايو ويو وري ھي ٻيو قيامت جھڙو واقعو ٿي ويو.