نيٺ ڇا ٿيندو؟ ڪورونا: پابنديون لڳائڻ بدران ويڪسينيشن جو عمل وڌايو وڃي، ايس او پيز تي عمل ڪرايو وڃي: عوام

0
629

ڪورونا ڪيسز ۾ اضافو: جمعي کان نيون پابنديون لڳنديون، وڏا شهر بند ڪري سگهون ٿا: اسد عمر جي ان بيان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته حڪومت پاران پابنديون لڳائڻ سان عوام وڌيڪ متاثر ٿيندو، بيروزگاري وڌندي، ڪورونا وڌڻ جي ڪري ويڪسينيشن جو عمل وڌايو وڃي ۽ ايس او پيز تي عمل ڪرايو وڃي. ڪامريڊ منان چانڊيو لکيو ته الائي ڇو عمران سرڪار جي وزيرن جا بيان عجيب قسم جا لڳندا آھن. بازارون جزوي يا مڪمل بند ٿين ان جو منفي اثر ته وري به پورهيت ماڻھن تي پوندو، ٿيڻ ته ايئن گهرجي ته ڪورونا ويڪسين سڀني ماڻھن کي لڳائي وڃي ، خادم گهراڻو لکيو ته رمضان مهيني ۾َدڪان جيڪي ننڍا آهن کلن ٿا وري ڇهين بجي بند ٿيو وڃن عوام پريشان آهي ته عيد ڪيئن ٿيندي اسپتالن ۾ ويڪسين جو عمل بهتر ڪيو وڃي عوام کي احتياطي تدبيرن جي آگاهي ڏني وڃي، رشيد ابڙو لکيو ته موجوده صورتحال انتھائي تشويشناڪ آھي، مھانگائي سبب ماڻھو عذاب واري زندگي گهاري رھيا آھن مس مس پراڻا قرض لاٿا آھن ته ويتر ٻيھر لاڪ ڊائون جا اشارا ڏين ٿا پوليس شھر بند پئي ڪرائي درزي پريشان ٿي ويا آھن، سارنگ منير سومرو لکيو ته حڪومت پنهنجي سڀني ناڪامين ۽ نا اھلين جو بار عوام مٿان ڦٽو ڪرڻ چاھي ٿي جيڪڏهن حڪومت ايس او پيز تي عمل ڪرائي ۽ اسپتالن ۾ بهتر نظام سان ويڪسين جو عمل تيز ڪري ها ته اڄ هي صورتحال نه هجي ها، گل حسن شر لکيو ته صحيح فيصلو آھي احتياط ضروري آهي، عصمت الله لکيو ته صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، عوام مس سک جو ساهه کنيو آهي سرڪار ڪجهه رحم ڪري، نماڻو نوناري لکيو ته ماڻهو بک بدحالي جو شڪار ٿيندا، جاويد احمد لکيو ته حڪومت جي ڪا به پلاننگ ناهي قوم سستو اٽو پئي گهري، شنڪر باغي لکيو ته وفاقي توڙي سنڌ جي صوبائي سرڪار وٽ ڪورونا سميت صحت جي حوالي سان ڪابه پلاننگ ڪونهي، اهي حڪومتون رڳو لاڪ ڊائون جو اعلان ڪري پاڻ کي آجو سمجهن ٿيون، سجاد علي جروار لکيو ته رڳو تعليم ۽ روزگار تباهه ڪيو پيو وڃي، عبدالله جروار لکيو ته هي ڊراما ڪري مهانگائي وڌائي عام ماڻهو کي پريشان ڪيو پيو وڃي، عبدالنبي شر لکيو ته شھر بند ڪرڻ سان ڪهڙو فرق پوندو جمعو ۽ آچر تي سنڌ ۾ ڪورونا اچي ٿي باقي ڏينهن تي ناهي؟ پيارو سنجراڻي لکيو ته اڳ ئي بک بدحالي سبب ماڻهو سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن ويتر تڪليفن ۾ اضافو ٿيندو، مهاوير ٽيڪواڻي لکيو ته لاڪ ڊائون جي ڪري عوام پريشان ٿيندو، فرمان چانڊيو لکيو ته هي هڪ وڏي سازش آهي، وسيم عباس منهاس لکيو ته ماڻھو پھريان ئي بک پيا مرن بيروزگاري وڌي پئي ماڻھن کي کائڻ لاءِ اٽو ناھي پائڻ لاءِ ڪپڙا ناھن عيد مٿان آھي، اورنگزيب لغاري لکيو ته ملڪ جون حالتون تمام خراب پيون هلن، مٿان وري ڪورونا جي ڪري جمعي کان پابنديون وڌائڻ واريون ڳالهيون سمجھه کان ٻاهر آھن، ثناءُالله چنا لکيو ته حڪومت کي ڪرڻ ته ائين گهرجي ته جتي ڪورونا ڪيس وڌيڪ هجن اتي لاڪ ڊائون ٿئي، ثاقب بلوچ لکيو ته ڪورونا هڪ خطرناڪ وائرس آھي سخت قسم جي حڪمت عملي جي ضرورت آھي معاشي نظام تي اثرانداز نه ٿئي، ايس او پيز تي سخت عمل ڪرايو وڃي، بشير ميراڻي لکيو ته نين پابندين سان پورھيت طبقو تباهه ٿي ويندو، ، بختيار کوکر ۽ عبدالرحمان چانگ پڻ سروي ۾ حصو ورتو، علي مراد جوکيو لکيو ته ڪورونا خطرناڪ حد تائين وڌي چڪو آھي جنهن جي ڪري ڳڻتي جوڳي صورتحال پيدا ٿي وئي آھي. جيڪڏهن ان لاءِ سريس قدم نه کڻبو ته وڏو نقصان ڀوڳي سگهون ٿا. عاشق حسن لکيو ته وفاق ۽ صوبن ۾ ڪورونا بابت اتفاق نه هجڻ ڪري ڪيس وڌي رهيا آهن، مختيار ميمڻ لکيو ته غلط پاليسين سبب تعليم وڏي متاثر ٿي آهي بي روزگاري وڌي رهي آهي، آفتاب لغاري لکيو ته ويڪسينيشن جو عمل تيز ڪيو وڃي، حسين آزاد لکيو ته وڏا شھر بند ٿيا ته بي روزگاري تمام گهڻي ٿيندي، سڪندر بلوچ لکيو ته ايس او پيز تي عمل ڪرايو وڃي، نياز ڪلوئي ۽ وقاص ياسين لکيو ته ماڻهن جي روزگار جو خيال رکيو وڃي، سرفراز ساريو لکيو ته پهرين لاڪ ڊائون کان اڄ تائين جيڪو قوم جو نقصان ٿيو آهي انهن غريب گهراڻن کي حڪومت طرفان امداد ڏني وڃي، يونس لغاري لکيو ته جيڪڏھن وڏا شهر بند ٿيندا ته شين جي آمد رڪجي ويندي، علي رضا لکيو ته حڪومتي وزيرن مان اڙجي ويا آهيون، ممتاز سميجو لکيو ته عوام پريشان ٿيندو، نذير جان لکيو ته الله معاف ڪري، بادل سگراماڻي لکيو ته ڇا ڪورونا وڏن شهرن ۾ آهي؟ مير ذوالفقار چانڊيو لکيو ته اھڙو بيان غريب عوام دشمن آهي، سينگار علي لکيو ته وڏي سازش آهي، وقار حسين لکيو ته انهن جو ڪو مفاد ڦاٿل آهي، مير نذير ڪلهوڙو لکيو ته انهن جو ڪو مفاد ڦاٿل آهي.