اسلام آباد: وفاقي حڪومت پاران پيٽرول 12 رپيا 63 پيسا في لٽر گهٽ ڪرڻ جو اعلان

0
370

… ناڻي جي وفاقي وزير اسحاق ڊار طرفان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي جو اعلان

پيٽرول 12 رُپيا 63 پئسا في لٽر سستو، پئٽرول جو نئون اگهه 224 رُپيا 80 پئسا في لٽر مقرر، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهه ۾ 12 رُپيا 13 پئسا ۽ لائيٽ ڊيزل 10 رُپيا 78 پئسا سستو، گاسليٽ جي اگهه ۾ 10 رُپيا 19 پئسا في لٽر گهٽتائي

نوان اگهه اڄ رات 12هين وڳي کان لاڳو ٿي ويندا، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران اسحاق ڊار چيو ته انڪم ٽئڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ هڪ مهيني جي واڌ ڪئي وئي آهي، هاڻي انڪم ٽئڪس گوشوارا 31 آڪٽوبر تائين جمع ڪرائي سگهبا