سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ وبائي بيمارين وڌيڪ 11 حياتيون کسي ورتيون

0
248

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ وبائي بيمارين وڌيڪ 11 حياتيون کسي ورتيون، شهدادڪوٽ جي رليف ڪيمپس ۾ ٽن ٻارن سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا

شھدادڪوٽ جي رليف ڪيمپس ۾ فوت ٿيل فوتين ۾ 5 سالن جو محمد مگسي، 4 سالن جي ايمن، ٽن سالن جو بگن کوسو ۽ ٻن سالن جي ٻارڙي شامل آھن

Pakistan floods cost 'at least $16 billion' | Otago Daily Times Online News

 قمبر جي رليف ڪيمپ ۾ علاج نه ٿيڻ سبب وڌيڪ 2 ٻارڙا مليريا وگهي فوت ٿي ويا، فوتي ٻارن ۾ پياري چانڊيو ۽ علي حسن شامل آھن

بخشاپور جي علائقي بڊاڻي ۾ 2 ٻارڙين مليريا وگهي دم ڏنو، فوتين ۾ 9 سالن جي نسيما ڀٽو ۽ ٻن سالن جي سليمت شامل آھي، ميهڙ جي رليف ڪيمپ ۾ سيدپور واسڻ ٻن سالن جي ٻارڙي عليزه دم ڏنو

ايف پي بند تي ويٺل ٻوڏ متاثر رمضان چانڊيو گيسٽرو وگهي دم ڏنو، پيرونمل جي ڳوٺ اسماعيل نظاماڻي ۾ گيسٽرو وگهي ٻن سالن جي ٻارڙي پروين فوت ٿي وئي

ھي به پڙھندا

وفاقي سرڪار پاران گريٽر ٿل ڪينال بابت اجلاس سڏائڻ تي سنڌ جو احتجاج

مانجھند: لڏو کڻي ويندڙ ٻوڏ متاثرن سان حادثو، ٻارڙن عورتن سميت 10 ڄڻا زخمي