وفاقي سرڪار پاران گريٽر ٿل ڪينال بابت اجلاس سڏائڻ تي سنڌ جو احتجاج

0
241
وفاقي سرڪار پاران گريٽر ٿل

ڪراچي: وفاقي سرڪار پاران گريٽر ٿل ڪينال بابت اجلاس سڏائڻ تي سنڌ جو احتجاج، آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سنڌ جي مخالفت باوجود اجلاس سڏائڻ تي ڏک ٿيو

ڄام خان شورو موجب سنڌ سرڪار جي اجازت کانسواءِ سنڌ جو ڪو به آبپاشي نمائندو اجلاس ۾ شريڪ نه ٿيندو، سنڌ گريٽر ٿل ڪينال منصوبي کي رد ڪري چڪي آهي

صوبائي وزير جو چوڻ آھي تھ  تڪراري منصوبي خلاف سنڌ ۾ زبردست احتجاج ٿيندا رهيا آهن، گريٽر ٿل ڪينال رٿا کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين

ھي به پڙھندا

مانجھند: لڏو کڻي ويندڙ ٻوڏ متاثرن سان حادثو، ٻارڙن عورتن سميت 10 ڄڻا زخمي