اسلام آباد هاءِ ڪورٽ رانا شميم تي توهين عدالت ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو

0
207
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي چيف جسٽس (جي بي) رانا شميم تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، جڏهن ته مير شڪيل، انصار عباسي ۽ عامر غوري تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ رانا شميم، صحافي انصار عباسي ۽ ٻين خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس اطهرمن الله ڪئي

ڪيس جي ٻڌڻي جي سلسلي ۾ اٽارني جنرل خالد جاويد ۽ ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد نياز الله نيازي، اڳوڻو چيف جسٽس گلگت بلتستان رانا شميم، مير شڪيل الرحمان، انصار عباسي ۽ عامر غوري عدالت ۾ پيش ٿيا، چيف جسٽس چيو ته رانا شميم روسٽرم تي اچي، ان تي فرد جرم لاڳو ڪنداسين، عدالت حڪم جاري ڪري چڪي آهي، جنهن تي راڻا شميم چيو ته فرد جرم لاڳو ڪرڻ کان اڳ منهنجي وڪيل کي پهچڻ ڏيو

جنهن بعد عدالت راڻا شميم جي وڪيل جي اچڻ تي ٿوري دير لاءِ ٻڌڻي ۾ وقفو ڪيو ۽ چيو ته راڻا شميم، مير شڪيل، عامر غوري ۽ انصار عباسي تي 11 وڳي فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو، وقفي کانپوءِ راڻا شميم، انصار عباسي ۽ ٻين خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ته رانا شميم جي وڪيل لطيف آفريدي جي معاون وڪيل وڌيڪ وقت طلب ڪيو، جنهن تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته هن عدالت جو احترام ڪيو وڃي

صحافي افضل بٽ چيو ته عدالت موقعو ڏيئي، خبر نه هئي ته جاچ هيٺ ڪيسن جي رپورٽ ڪيئن ڪجي، چيف جسٽس چيو ته هڪ اخبار ۽ آرٽيڪل ذريعي عدالت کي بدنام ڪيو ويو

رياست پاڻ جبري گمشدگين

عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا ڪنهن کي هن عدالت سان ڪو مسئلو آهي؟ هن عدالت کي ڏسي نريٽو ٺاهيو ويو، آئيني عدالت سان گهڻو مذاق بڻجي ٿي ويو، هاءِ ڪورٽ جي صدر جرنلسٽس ايسوسي ايشن جي صحافين کي حد تائين صبر جي اپيل ڪندي چيو ته بدقسمتي سان اسان ان نقطي تي ڌيان نه ڏئي سگهيا آهيون جنهن تي اسان کي هئڻ گهرجي، اسان جون گڏجاڻيون جاري آهن، اسان کي هڪ موقعو ڏيو هن مامري تي تي احتياط ڪنداسين، اسان ڪيترائي ڀيرا سمجهايو پر هن کي لڳو ته هنن جيڪو ڪيو ٺيڪ ڪيو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته عوام جو اعتماد به بحال ڪرڻو آهي، التوا هيٺ ڪيسز کي ڪيئن ميڊيا ۾ هلايو ويو، ڪنهن کي لائسنس نٿو ڏئي سگهان ته غلط خبر هلائي

جسٽس اطهر من الله چيو ته لائسنس نوٿ ڏئي سگهان ته ڪو سائل عدالت جي بي توقيري ڪري، توهان کي احساس ناهي ته ڪيس ٻڌڻي هيٺ تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، هي عدالت کليل احتساب تي يقين رکي ٿي ۽ ان جي آجيان ڪري ٿي

چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته جولاءِ 2018 کان اڄ تائين ڪهڙو حڪم ٿيو جنهن تي هي بيانيو فٽ اچي؟ هڪ اخباري آرٽيڪل جو تعلق ثاقب نثار سان نه پر هاءِ ڪورٽ سان آهي، ماڻهن کي ٻڌايو ويو آهي ته هن عدالت جا ججز مفاهمتي آهن، هي ڪيس 2 ڏينهن بعد ٻڌڻي لاءِ مقرر هو ته اسٽوري شايع ڪئي وئي

چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته زيدي صاحب توهان کي ڪوڙا کاڌا آهن، ڪوڙا کائڻ جو ڪهڙو ذائقو آهي، اها اسان جي غلطي آهي، اسان ماتحت ضابطن جي پرواهه نه ڪئي، سڀاڻي ڪا ٽئين ڌر حلفي بيان ڏيندي ۽ توهان ان کي ڇاپي ڇڏيندئو، هي چئو ته اسان صرف ميسينجر آهيون، جاچ ڪرڻ جو اسان جو ڪم ناهي ته زيادتي آهي

جنهن تي ناصر زيدي چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آزاد عدليه آڏو پيش ٿي رهيا آهيون، اسان عدالتن آڏو پيش ٿيندا رهيا آهيون پر هن ڀيري اسان گهڻو ڪجهه سکي چڪا آهيون

ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي درخواست ڪئي ته مير شڪيل، انصار عباسي ۽ عامر غوري تي فرد جرم ملتوي ڪيو وڃي، جنهن تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته هي هڪ عدالتي معاملو آهي، فردم جرم لاڳو ڪرڻ به آئيني مامرو آهي، منهنجو ڪنهن سان به غرض نه پر صرف هن عدالت سان آهي، ٻه ڏينهن بعد ڪيس فڪس آهي، ٿرڊ پارٽي جو بيان اخبار ۾ ڇپجي ويو

اٽارني جنرل چيف جسٽس کي چيو ته توهان بلڪل صحيه چيو، فوڪس هن عدالت تي ئي هو، اڄ پهريون ڀيرو ميڊيا تي پشيماني ٿي رهي آهي، رانا شميم کي فيئر جو پورو حق آهي، پر هن جيڪو چيو اهو مڃي رهيو آهي، صحافين جي حد تائين هن ڪيس ۾ چارج فريم ڪيو وڃي پر صحافين کي حد تائين صبر ڪيو وڃي

اٽارني جنرل دليل ڏيندي چيو ته مان هتي ايترو نٿو وڙهي سگهان جيترو پنهنجي حڪومت ۾ وڙهندو آهيان، پر صحافين جي ايسوسي ايشن جا نمائيندا موجود آهن، جنهن تي عدالت چيو ته هي سڀ ٺيڪ پر زيدي صاحب نه ٻڌايو ته ڪوڙا ڪيئن لڳندا آهن

اٽارني جنرل وڌيڪ چيو ته مان پنهنجي معزز پيءُ کان پڇندس، منهنجي ماءُ به جيل ڪاٽي آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته هڪ اخبار آهي جيڪا بار بار هاءِ ڪورٽ خلاف توهين عدالت ڪري رهي آهي، باقي اخبارن ۾ اهڙيون خبرون ناهن، رڳو جنگ ۽ دي نيوز اهڙيون خبرون ڏئي رهيو آهي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي چيف جسٽس راناشيم تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، عدالت رانا شميم جي خلاف فرد جرم پڙهي ٻڌايو، رانا شميم جي بيان حلفي کي فرد جرم جو حصو بڻايو

فرد جرم ۾ چيو ويو ته رانا شميم انگلينڊ ۾ بيان حلفي رڪارڊ ڪرايو، سندس بيان موجب جسٽس عامر فاروق کي ثاقب نثار فون ڪيو، پر اڳوڻي چيف جسٽس راڻا شميم ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪيو، اٽارني جنرل جي استدعا تي عدالت مير شڪيل، انصار عباسي ۽ عامر غوري تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو

ياد رهي ته اڳوڻي چيف جسٽس رانا شميم الزام هنيو هو ته سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس آف پاڪستان ثاقب نثار اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج کي فون ڪري چيو هو ته 2018 جي ​​عام چونڊن کان اڳ ميان نواز شريف ۽ سندس ڌيءَ مريم نواز جي ضمانت منظور نه ڪرڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججز تي دٻاءُ وڌو هو

ھي به پڙھندا

رانا شميم ڪيس: اهڙو آرڊر ڏيکاريو جنهن ۾ جج جي اثرانداز ٿيڻ جو شڪ ٿيو هجي؟