ايف بي آر گلوڪاره آئمه بيگ جا سمورا بئنڪ اڪائونٽ منجمد ڪري ڇڏيا

0
169
ايف بي آر گلوڪاره آئمه بيگ

ڪراچي (شوبز نيوز) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) گلوڪاره آئمه بيگ جا سمورا بئنڪ اڪائونٽ منجمد ڪري ڇڏيا

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڳائڻي ايف بي آر کي انڪم ٽيڪس جي مد ۾ ساڍا 8 ڪروڙ رپين جي ڊفالٽر آهي، پر ايف بي آر کي آئما بيگ جي بئنڪ اڪائونٽس مان وصولي نه ٿي سگهي

ايف بي آر ملڪيتن جي

ميڊيا رپورٽس موجب آئمه بيگ پنهنجي بئنڪ اڪائونٽس مان 2.5 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم ڪڍي ڇڏي آهي,، ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ايف بي آر آئمه بيگ جون گاڏيون ضبط ڪرڻ لاءِ ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي

ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ايف بي آر انڪم ٽيڪس ادا نه ڪرڻ تي آئمه بيگ کي نوٽيس جاري ڪيو هو، ايف بي آر موجب آئمه بيگ 2018، 2019 ۽ 2020 جو انڪم ٽيڪس جمع ناهي ڪرايو