استعيفائن ۽ عدم اعتماد بابت مولانا فضل الرحمان، بلاول کي ڪهڙو جواب ڏنو؟

0
388
بلاول کي ڪهڙو جواب ڏنو
استعيفائن ۽ عدم اعتماد بابت مولانا فضل الرحمان، بلاول کي ڪهڙو جواب ڏنو؟

حب: اپوزيشن اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) ۽ جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي بيان تي رد عمل ظاهر ڪيو آهي.

حب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته جيڪي اسان کي استعيفيٰ نه ڏيڻ جو طعنو ڏيڻ وارا پاڻ عدم اعتماد پيش ڇو نٿا ڪن؟

پنجاب ۾ تبديلي جي پيپلز پارٽي جي خواهش واري سوال تي ، مولانا فضل الرحمان طنزيه انداز ۾ چيو ته بي اعتمادي ، اسان جي راءِ ، اسان جي راءِ ، وڏي دانش جي راءِ …ته پوءِ پيش ڪيو نه عدم اعتماد، آرام سان ڇو ويٺا آهيو؟

هن چيو ته اهي اسان کي ته طعنا ڏيو ٿا ته استعيفائون ڇو نٿا ڏيو، پاڻ تحريڪ ڇو نٿا پيش ڪيو؟ 6 ميمبرن تي عدم اعتماد جي ڳالهه نٿي ڪري سگهجي، اها بيوقوفي آهي.